اسلام آباد _ 20 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني، جي يو آءِ اڳواڻ، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ سينيٽر حافط حسين احمد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني حافظ حسين احمد جي لاڏاڻي تي سندس ڪٽنب ۽ جي يو آءِ قيادت سان تعزيت جو اظهار ڪيو . هن چيو ته مرحوم هڪ بردبار ۽ بهترين پارلياماني اڳواڻ هو. رمضان مبارڪ جي بابرڪت سعادت ۾ الله تعالى جي آڏو پيش ٿيڻ يقينن حافظ صاحب جي درجن جي بلندي جو سبب بڻجندو . ڏک ۽ افسوس جي هن گهڙي ۾ سموريون همدرديون سوڳوارن سان گڏ آهن . سينيٽ چيئرمين دعا ڪئي ته الله تعالى مرحوم جا درجات بلند فرمائي ۽ سوڳوارن کي صبر عطا فرمائي.