اسلام آباد-20 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان اعليٰ سطحي وفد سميت ڪامسٽيڪ سيڪريٽريٽ اسلام آباد جو دورو ڪيو. ڪامسٽيڪ طرفان جاري بيان موجب دوري جو مقصد ڪامسٽيڪ سان گڏجي نوجوانن لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، ڊجيٽل اسڪلز سيکارڻ لاءِ مدد جا مختلف پروگرام شروع ڪرڻ ۽ هائير ايجوڪيشن ڪميشن، ڪامسٽيڪ، وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ نيشنل ووڪيشنل اينڊ ٽيڪنيڪل ٽريننگ ڪميشن کي هڪ پليٽ فارم سان گڏيل طور تي نوجوانن جي معاملن لاءِ منصوبا شروع ڪرڻ هو. وفد جي سطح تي ٿيل ملاقات ۾ ڪامسٽيڪ جي ڪوآرڊينيٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر اقبال چوڌري طرفان نوجوانن لاءِ جاري منصوبن ۽ قدمن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. راڻا مشهور احمد خان ڪامسٽيڪ جي شاندار ڪاميابين کي ساراهيو ۽ اداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ حصيداري ۽ سهڪار جي عمل جي ضرورت تي زور ڀريو. هن ڪامسٽيڪ سان هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان مضبوط رابطا قائم ڪريون ۽ نوجوانن لاءِ اهڙا پروگرام شروع ڪريون جيڪي کين هنر، ٽيڪنالاجي ۽ ڪاروباري مهارتن ۾ ترقي جا موقعا فراهم ڪن. ڪامسٽيڪ هڪ بهترين پليٽ فارم آهي جنهن ذريعي پاڪستان جو مثبت چهرو نه رڳو او آءِ سي پر عالمي سطح تي اجاگر ڪري سگهجي ٿو.