اسلام آباد-20 مارچ(اي پي پي) گهرن جي تعمير لاءِ بينڪن جي ڏنل قرضن ۾ فيبروري دوران ساليانو بنياد تي گهٽتائي ريڪاڊ ٿي آهي. اسٽيٽ بينڪ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب فيبروري ۾ گهرن جي تعمير لاءِ بينڪن پاران فراهم ڪيل قرض جو ڳاڻيٽو 200 ارب رپيا ريڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل سال فيبروري جي ڀيٽ ۾ 3.6 سيڪڙو گهٽ آهي. گذريل سال فيبروري ۾ گهرن جي تعمير لاءِ بينڪن پاران فراهم ڪيل قرض جو ڳاڻيٽو 207 ارب رپيا ريڪارڊ ڪيو ويو هو. جنوري جي ڀيٽ ۾ فيبروري ۾ گهرن جي تعمير لاءِ بينڪن پاران فراهم ڪيل قرض ۾ ماهوار بنياد تي 0.2 سيڪڙو گهٽتائي ريڪارڊ ٿي. واضع رهي ته فيبروري ۾ بينڪن پاران خانگي شعبي کي فراهم ڪيل گڏيل قرض جو ڳاڻيٽو 9304 ارب روپيا جڏهن ته خانگي ڪاروبار کي 8087 ارب رپيا ريڪارڊ ڪيو ويو آهي. گذريل سال فيبروري ۾ خانگي شعبي ۾ بينڪن پاران فراهم ڪيل قرض جو ڳاڻيٽو 8420 ارب رپيا ۽ خانگي ڪاروبار کي فراهم ڪيل قرض جو ڳاڻيٽو 7283 ارب روپيا ريڪارڊ ڪيو ويو.