اسلام آباد-20 مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي شروعات تي هاڪاري رجحان رهيو ۽ 100 انڊيڪس هڪ لک 19 هزار 221 پوائنٽس تي پهچي ويو. گذريل ڏينهن ڪاروبار جي شروعات تي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو رجحان ڏسڻ ۾ آيو ۽ ڪي ايس سي 100 انڊيڪس 1247 پوائنٽس جي اضافي سان هڪ لک 19 هزار 221 پوائنٽس تي پهچي ويو. مارڪيٽ ۾ اضافي جو رجحان جاري آهي.