اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان ملاقات ۾ گڏيل تعاون جي فروغ جي لاءِ تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي، وچ اوڀر ۽ يوڪرين ۾ امن جي لاءِ سعودي عرب جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ وزيراعظم چيو ته سعودي ولي عهد سان ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ سيڪيورٽي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن چيو ته سعودي عرب جي پاڪستان سان مسلسل تعاون تي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جا ٿورائتا آهيون. اسان جي پائيدار دوستي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏيل ويزن جي ڪري گڏيل لاڳاپا نئين بلندين تائين پهچي رهيا آهن ۽ مضبوط ٻطرفا لاڳاپا گڏيل اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ٿي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته وچ اوڀر ۽ يوڪرين ۾ امن جي لاءِ سعودي عرب جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي.