اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سعودي عرب جي دوري جو مقصد ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، اقتصادي تعاون کي وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف هن وقت سعودي عرب جي سرڪاري دوري تي آهي. هن چيو ته وزيراعظم سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي آهي، ٻنهي اڳواڻن واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ سلامتي جي شعبن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترجمان چيو ته وزيراعظم سعودي عرب پاران پاڪستان جي لاءِ مسلسل حمايت تي سعودي ولي عهد جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهري تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ڪري ٿو ۽ هي دورو گڏيل افهام تفهيم ۾ اضافي، واپار، سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ ۽ ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي وڌيڪ سفارتي رابطاڪاري جي راهه هموار ڪندو.