اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان اولهندي ڪناري ۽ غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي حملن، جنگبندي معاهدي جي واضح خلاف ورزي، بزرگ ماڻهن، عورتن ۽ ٻارن سميت بيگناهه شهرين جي مارجڻ جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسرائيل جا فضائي حملا جنگبندي معاهدي جي واضح خلاف ورزي آهي. هن چيو ته اهو عالمي انساني قانون، گڏيل قومن جي چارٽر ۽ عالمي برادري ۽ عالمي قانون ۾ اعتماد کي نقصان پهچائي ٿو. ترجمان چيو ته پاڪستان اولهندي ڪناري ۽ غزه ۾ فوري طور تي دشمني جي خاتمي، شهرين جي تحفظ ۽ انساني امداد تائين غيرمحدود پهچ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ٿو. هن چيو ته اسان عالمي برادري کان به مطالبو ڪريون ٿا ته اها فلسطين جي معصوم عوام جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي مهم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششن ۾ اضافو ڪري. ترجمان چيو ته اسان وحشياڻي جنگ ۾ اسرائيلي ڏوهن جي احتساب جو مطالبو ڪريون ٿا، جيڪو عالمي قانوني حيثيت جي بحالي طرف هڪ اهم قدم هوندو. ترجمان چيو ته پاڪستان ٻه رياستي حل جي حمايت جاري رکي آهي جيڪو گڏيل قومن جي چارٽر جي بنيادي اصولن، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ انصاف جي عالمي عدالت جي فيصلن تي ٻڌل آهي. ترجمان فلسطيني عوام جي خودمختياري جي حق ۽ جون 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هڪ قابل عمل، لڳولڳ ۽ خودمختيار فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي غيرمشروط حمايت جو ورجاءُ ڪيو جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.