اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڪرغز تاجڪ سرحد جي حدبندي ۽ معاهدي تي صحيحن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته اسان ان تاريخي ڪاميابي تي ڪرغزستان ۽ تاجڪستان جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ چيو ته معاهدي سان هڪ ڊگهو سرحدي تڪرار ختم ٿي ويو آهي. هن چيو ته اسان کي پختو يقين آهي ته واقعن جو هي اهم موڙ خطي ۾ تعاون ۽ ترقي جا نوان امڪان کوليندو.