جده – 20 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هڪ لک 19 هزار پوائنٽس جي حد عبور ڪرڻ کي سٺو سئنوڻ قرار ڏيندي چيو آهي ته اهو حڪومت جي معاشي پاليسين تي واپارين ۽ سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد جو اظهار آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جو مثبت رخ حڪومت جي معاشي پاليسين تي واپارين ۽ سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد جو اظهار آهي. بهتر ٿيندڙ معاشي انگ اکر ۽ ڪاروباري ماحول گذريل هڪ سال دوران حڪومت جي معاشي پاليسين جي ڪري ممڪن ٿيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ ۾ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ مثبت ماحول جي فراهمي جي حوالي سان ترجيحي بنيادن تي سموريون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي.