اسلام آباد-19 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي چونڊن ۾ جرنلسٽ پينل جي نئين چونڊيل صدر اظهر جتوئي، سيڪريٽري نيئر علي ۽ وقار عباسي کي فنانس سيڪريٽري بڻجڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ نئين چونڊيل قيادت لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته نيشنل پريس ڪلب جي اليڪشن ۾ نون چونڊيل عهديدارن جي ڪاميابي مٿن صحافي برادري جي ڀرپور اعتماد جو ثبوت آهي. سيد يوسف رضا گيلاني اميد ظاهر ڪئي ته نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد جي نئين چونڊيل قيادت ميڊيا جي ترقي ۽ صحافتي برادري جي اعتماد تي پورو لهڻ ۽ سندن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پنهنجون سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندي. هن چيو ته عوامي مسئلن کي اقتدار جي ايوانن تائين پهچائڻ ۽ ايوان ۾ عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ ٿيل قانونسازي کي عوام تائين تائين پهچائڻ ۾ صحافتي برادري جو اهم ڪردار اهميت وارو آهي. سينيٽ چيئرمين چيو ته هو پريس ڪلب اسلام آباد جي نئين چونڊيل قيادت جي ڪاميابين لاءِ دعاڳو آهي.