اسلام آباد-19 مارچ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت پاڪ حج ايپ ذريعي حج پانڌيئڙن کان تصوير ۽ پاسپورٽ جي ڪاپي 22 مارچ تائين طلب ڪري ورتي آهي، وزارت جي ترجمان ٻڌايو ته حج 2025ع جي سرڪاري اسڪيم جي حج پانڌئيڙن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اهي پاڪ حج ايپ کي اپڊيٽ ڪري اسڪيننگ واري نشان ذريعي اڇي بيگ گرائونڊ سان پنهنجي تازي تصوير ۽ پاسپورٽ جي اسڪين ٿيل ڪاپي لوڊ ڪن. ان ڳالهه جو خاص خيال رکيو وڃي ته پاسپورٽ جي ڪاپي صاف ۽ واضح هجڻ گهرجي. مذهبي معاملن واري وزارت هدايت ڪئي آهي ته سمورا حج پانڌئيڙا ان ڪم کي مڪمل ڪن ته جيئن انهن جو حج ويزا وقت تي حاصل ڪري سگهجي.