بيونس آئرس – 19 مارچ (اي پي پي) ارجنٽينا جو عالمي مشهور فٽ بالر ليونل ميسي انجري سبب ورلڊ ڪپ ڪواليفائر ميچن مان ٻاهر ٿي ويو آهي. ميسي ايٽلانٽا يونائيٽيڊ خلاف ميچ دوران انجري جو شڪار ٿي ويو هو. فٽبال جي حوالي سان مشهور ويب سائيٽ گول مطابق اسٽار فٽ بالر پٺن تي دٻاءَ سبب ميچ مان ٻاهر ٿي ويو آهي ۽ کيس آرام جو مشورو ڏنو ويو آهي. انٽر ميامي انتظاميا به تصديق ڪئي آهي ته 37 ورهين جي ليوني ميسي کي گهٽ درجي واري انجري آهي پر هو سال 2026ع جي عالمي ورلڊ ڪپ جي ڪواليفائر ميچن مان ٻاهر ٿي ويو آهي جيڪي 21 مارچ تي يوروگائي ۽ 25 مارچ تي برازيل خلاف کيڏڻيون هيون. واضح رهي ته ارجنٽينا جي ٽيم ڏکڻ آمريڪي 10 ٽيمن تي ٻڌل ورلڊ ڪپ ڪواليفائنگ گروپ ۾ سرفهرست آهي. هوڏانهن برازيل جو ڀلوڙ فٽ بالر نيمار به انجري سبب ٽيم جو حصو نه هوندو.