ڪراچي-18 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو آهي ته چين جي سهڪار سان قومي معيشت وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. سي پيڪ رٿا جي حفاظت ۽ دهشتگردي خلاف اسان سڀني کي هڪ ٿيڻو پوندو. انهن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ۾ اتحاد رمضان تحت 16 هين افطار ڊنر ۾ شرڪت ڪندڙ هزارين ماڻهن کي خطاب ڪندي ڪيو. گورنر هائوس مان جاري پريس رليز موجب گورنر وڌيڪ چيو ته صوبي جي ڀينرن، ڀائرن جو ڀاءُ گورنر آهي پوءِ ڪهڙي ڳالهه جي پريشاني. هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي خلاف سڄي دنيا متحد ٿئي ۽ اسان جو ساٿ ڏئي. دنيا اهو ثابت ڪري ته دهشت گردي جنهن ملڪ ۾ به ٿيندي سڄي دنيا ان خلاف گڏجي بيهندي. ان موقعي تي چين جي قونصل جنرل خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو ڀرپور ساٿ ڏينداسين. گورنر ڪامران خان ٽيسوري ويزنري شخصيت آهي. ان موقعي تي مفتي نعمان نعيم چيو ته گورنر ڪامران خان ٽيسوري بنا اختيارن جي ڪراچي جي نا اميدي کي اميدي ۾ بدلائي ڇڏيو آهي. گورنر سنڌ سڄي ملڪ کي هڪ ڪري سگهي ٿو.