اسلام آباد -18 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي، ته معاشي ترقي ۽ عالمي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ ۾ ڪاروباري برادري جو اهم ڪردار آهي، موجوده حڪومت سيڙپڪار دوست پاليسين تي عمل پيرا آهي. انهن خيالن جو اظهار هن صنعت ۽ واپار واري وفاقي ايوان جي افطار ڊنر ۾ ڳالهائيندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان جي معيشت کي مضبوط ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ سيڙپڪاري ۽ واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. سيد يوسف رضا گيلاني ايف پي سي سي آءِ جي ڪوششن جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ معاشي ترقي ۽ عالمي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪاروباري برادري جو ڪردار اهم حيثيت رکي ٿو. حڪومت ۽ نجي شعبي وچ ۾ تعاون ملڪي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ اقتصادي سرگرمين جو مرڪز بڻجڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو ۽ موجوده حڪومت سيڙپڪار دوست پاليسين تي عمل پيرا آهي ته جيئن ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن کي وڌيڪ موقعا فراهم ڪري سگهجن. تقريب ۾ شريڪ مختلف ملڪن جي سفيرن ۽ هاءِ ڪمشنرن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۽ گڏيل واپاري لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ جي حوالي سان پنهنجي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. هنن چيو ته پاڪستان ۾ بيشمار ڪاروباري موقعا موجود آهن، ۽ مختلف ملڪن جا سيڙپڪار پاڪستاني مارڪيٽ ۾ دلچسپي رکن ٿا.