اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان مان هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ۽ سمورين ڌرين جي ٺوس ڪوششن تي زور ڏيندي وزيراعظم جي هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي جي پروگرام کي سڄي ملڪ ۾ وسعت ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. گلگت بلتستان ۾ وزيراعظم جي هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي جي قومي پروگرام جي پائليٽ پراجيڪٽ جي ڪامياب تڪميل جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم ملڪ ۾ ان بيماري جي وسيع اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ان قدم جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڏس ۾ آغا خان ڊيولپمينٽ نيٽ ورڪ ۽ صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي نمايان مدد کي ساراهيندي چيو ته هيپاٽائيٽس يونٽ شروعاتي طور تي پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ ۾ قائم ڪيو ويو هو ۽ بعد ۾ ان جو دائرو ٻين سرڪاري اسپتالن تائين ڦهلايو ويو جتي مريضن کي 100 سيڪڙو مفت علاج جي سهولت فراهم ڪئي وڃي ٿي. وزيراعظم ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته 2018ع ۾ جڏهن نئين حڪومت اقتدار سنڀاليو ته اهو پروگرام بند ڪيو ويو جڏهن ته مون وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کان فوري پوءِ اهو پروگرام ٻيهر شروع ڪيو جيڪو هاڻي وزيراعليٰ مريم نواز جي قيادت ۾ پنجاب ۾ فعال آهي. وزيراعظم چيو ته اسان کي گلگت بلتستان ۽ پاڪستان جي ٻين حصن جو مستقبل روشن نظر اچي رهيو آهي. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته موجوده حڪومت جي ڪوششن سان هيپاٽائيٽس سي جو تمام جلد ملڪ مان مڪمل خاتمو ٿي ويندو. هن چيو ته ان بيماري جي ڦهلاءُ جي ڏس ۾ هي وقت آهي ته ان تي موثر انداز ۾ ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪوششون استعمال ۾ آنديون وڃن. هن ٻڌايو ته وفاقي حڪومت اسلام آباد ۾ جناح ميڊيڪل سينٽر قائم ڪري رهي آهي جيڪو عوامي صحت جي شعبي ۾ پاڪستان جو جانز هاپڪنز اسپتال ثابت ٿيندو. ان کان اڳ وزيراعظم گلگت بلتستان جي پائليٽ پراجيڪٽ ۾ تعاون ڪندڙن ۾ شيلڊز ورهايون جن ۾ منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، صحت وارو وزير مصطفيٰ ڪمال، صحت وارو مملڪتي وزير مختار ڀرٿ، نادرا جو چيئرمين، پاڪستان ۾ ڊبليو ايڇ او جا نمائندا ۽ ٻيا شامل هئا. منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان هيپاٽائيٽس سي تمام تيزي سان ڦهلجي رهيو آهي جيڪا انتهائي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته هيپاٽائيٽس سي پروگرام جي ڪاميابي پرائيويٽ پبلڪ پارٽنرشپ ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن جو نمونو آهي. هن چيو ته حڪومت 2029ع تائين ان مرض جي خاتمي جي لاءِ پراميد آهي. وزيراعظم جو هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي جو پروگرام نه رڳو لکين جانيون بچائيندو پر ملڪ جي معاشي پيداواري صلاحيت کي وڌائڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو. صحت واري وزير سيد مصطفيٰ ڪمال ملڪ مان هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي جي وزيراعظم جي ويزن کي ساراهيندي ان کي 2030ع تائين ملڪ مان ان مرض جي ڪاميابي سان خاتمي جي لاءِ پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. پاڪستان ۾ صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) جي نمائندي ڊاڪٽر لوڊپينگ چيو ته سندس ادارو ان بيماري جي مڪمل خاتمي جي لاءِ ان پروگرام جي حمايت ۾ پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. هن پائليٽ پروگرام جي حوالي سان فوري قدمن ۽ شاندار قيادت تي گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي حڪومتن ۽ صحت جي ادارن جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پائليٽ پراجيڪٽ تحت ٻن يونين ڪائونسلن ۾ 14000 ماڻهن جي اسڪريننگ ساراهه جوڳو قدم آهي. هن ڊبليو ايڇ او جي ٽيڪنيڪل ۽ آپريشنل سپورٽ کي خاطري ڪرائي. وزيراعظم جي هيپاٽائيٽس سي جي خاتمي جي پروگرام جي ٽاسڪ فورس جي ميمبر ڊاڪٽر سعيد اختر ٻڌايو ته ان پروگرام جي لاءِ 68 ارب رپيا رکيا ويا آهن جيڪو ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. ان موقعي تي اطلاعات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.