اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 19 کان 22 مارچ تائين سعودي عرب جو سرڪاري دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي دوري جو مقصد ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، اقتصادي تعاون کي وڌائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ آهي. وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سميت اهم وفاقي وزير ۽ اعليٰ عملدار پڻ شامل هوندا. دوري دوران وزيراعظم سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان سان ملاقات ڪندو. ٻئي اڳواڻ واپار کي فروغ ڏيڻ، اهم شعبن ۾ حصيداري کي وڌائڻ ۽ وسيع تر اقتصادي تعاون کي آسان بڻائڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ۽ غور فڪر ڪندا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته گڏيل دلچسپي ۽ ڳڻتي جي معاملن بشمول عالمي ۽ علائقائي اڳڀرائي خاص طور تي غزه جي صورتحال کانسواءِ وچ اوڀر جي اڀرندڙ صورتحال سان گڏوگڏ مسلمان امت بابت مسئلا ايجنڊا ۾ سرفهرست هوندا. بيان موجب وزيراعظم جو دورو پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گهري تاريخي لاڳاپن کي اجاگر ڪري ٿو ۽ گڏيل افهام تفهيم ۾ اضافي، واپار، سيڙپڪاري ۾ تعاون وڌائڻ ۽ ٻطرفي، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي وسيع سفارتي رابطن جي راهه هموار ڪندو.