ڍاڪا -18 مارچ (اي پي پي) بنگلاديش ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچن تي ٻڌل سيريز جي شروعات 20 اپريل کان پهرين ميچ سان شروع ٿيندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 20 کان 24 اپريل تائين سلهٽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم سلهٽ ۾ کيڏي ويندي، بنگلاديش جي ٽيم جي قيادت نجم الحسن شانٽو ڪندو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 28 اپريل کان 2 مئي تائين ظهور احمد چوڌري اسٽيڊيم چٽاگانگ ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن سيريز ۾ ڪاميابي لاءِ بيان ڏنا آهن.