آڪلينڊ -18 مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ پنجن ٽي-ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جو ٽيون ميچ 21 مارچ تي ايڊن پارڪ آڪلينڊ ۾ کيڏيو ويندو. ميزبان نيوزيلينڊ جي ٽيم کي 5 ميچن جي ٽي – ٽوئنٽي سيريز ۾ مهمان پاڪستان جي ٽيم خلاف 2-0 جي برتري حاصل آهي. ٽي-ٽوئنٽي سيريز ۾ پاڪستان جي قيادت سلمان علي آغا ڪري رهيو آهي جڏهن ته نيوزيلينڊ جي قيادت مائيڪل بريسويل ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ هن وقت تائين 46 ٽي – ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچون کيڏيون ويون جن مان پاڪستان 23 ۽ نيوزيلينڊ 21 ميچن ۾ ڪاميابي ماڻي آهي جڏهن ته 2 ميچون بنا نتيجي ختم ٿي ويون. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز جي ٽئين ميچ 21 مارچ تي ايڊن پارڪ آڪلينڊ، چوٿين ميچ 23 مارچ تي بي اوول مانٽ مونگانوئي ۽ پنجين ۽ آخري ٽي – ٽوئنٽي ميچ 26 مارچ تي اسڪائي اسٽيڊيم ويلنگٽن ۾ کيڏي ويندي. 5 ٽي – ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي انٽرنيشنل ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ ميڪ لين پارڪ نيپئر ۾ کيڏي ويندي، ٻي ون ڊي انٽرنيشنل ميچ 2 اپريل تي سڊن پارڪ هملٽن ۾ جڏهن ته ٽين ۽ آخري ون ڊي ميچ 5 اپريل تي بي اوول مانٽ مونگانوئي ۾ کيڏي ويندي.