ڊونيڊن – 18 مارچ (اي پي پي) نيوزيلينڊ لڳاتار ٻي ٽي – 20 انٽرنيشنل ميچ ۾ پاڪستان کي 5 وڪيٽن تان ھارائي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي برتري حاصل ڪري ورتي آھي. برسات سبب آئوٽ فيلڊ آلي ھجڻ سبب ميچ دير جو شڪار ٿي، جنھن بعد امپائرن ميچ 15 -15 اوورن تائين محدود ڪري ڇڏيو، پاڪستان جي ٽيم پھرين بيٽنگ ڪندي 15 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 135 رنسون ٺاھي سگهي ۽ نيوزيلينڊ کي ميچ ۾ ڪاميابي لاءِ 136 رنسن جو هدف ڏنو بعد ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم 13 ھين اوور جي پھرين بال تي 5 وڪيٽن جي نقصان تي هدف حاصل ڪري ورتو. ٽم سيفرٽ 45 رنسون ٺاھيون ۽ ميچ جي بھترين رانديگر جو اعزاز حاصل ڪيو. نيوزيلينڊ جي ڪپتان مائيڪل بريسويل ٽاس کٽي پھرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو درست ثابت ٿيو. پاڪستان جي ٽيم جيڪب ڊفي، ايش سوڌي، بين سيئرز ۽ جيمز نيشم جي تباھه ڪن بالنگ سبب 15 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 135 رنسون ٺاھي سگھي. پاڪستاني اوپنر ھڪ ڀيرو ٻيھر ناڪام رھيا، حسن نواز هڪ ڀيرو ٻيھر زيرو تي پويلين واپس ويو. نيوزيلينڊ خلاف پاڪستان جي شروعات سٺي نه رھي ۽ پھرين وڪيٽ ھڪ رنس تي ڪري پئي جنھن ۾ اوپنر حسن نواز زيرو تي آئوٽ ٿي ويو جنھن بعد محمد حارث به وڌيڪ دير ڪريز تي نه بيھي سگھيو ۽ 19 جي مجموعي اسڪور تي 11 رنسون ٺاھي پويلين واپس ويو. پاڪستان جي ٽئين وڪيٽ 50 رنسن تي ڪري ۽ عرفان خان 11 رنسن ٺاھي آئوٽ ٿي ويو جڏھن ته چوٿين وڪيٽ 52 جي مجموعي اسڪور تي ڪري پئي جنھن ۾ خوشدل شاهه رڳو 2 رنسون ٺاھيون. پاڪستان جي پنجين وڪيٽ 76 جي مجموعي اسڪور تي ڪري ۽ ڪپتان سلمان آغا 28 بالن تي 46 رنسون ٺاھي آئوٽ ٿي ويو جنھن ۾ شاداب 14 بالن تي 26 رنسون ٺاھيون ۽ 110 جي مجموعي اسڪور تي وڪيٽ وڃائي ويٺو. پاڪستان جي ستين وڪيٽ 111 رنسن تي ڪري ۽ جھانداد خان زيرو تي آئوٽ ٿي ويو جڏھن ته پاڪستان جي اٺين وڪيٽ 114 جي مجموعي اسڪور تي ڪري پئي جنهن ۾ عبدلصمد 11 رنسون ٺاھي سگھيو. پاڪستان جي نائين وڪيٽ 135 رنسن تي ڪري پئي ۽ حارث رئوف ھڪ رنس ٺاھي آئوٽ ٿي ويو. ايئن پاڪستان جي ٽيم 15 اوورن ۾ 135 رنسون ٺاھي نيوزيلينڊ جي ٽيم کي ڪاميابي لاءِ 136 رنسن جو هدف ڏنو.