جڪارتا -18 مارچ (اي پي پي) انڊونيشيا ۾ 5.5 جي شدت جي زلزلي جا لوڏا رڪارڊ ڪيا ويا، جنهن سبب هڪ شخص اجل جو شڪار ۽ هڪ زخمي ٿي پيو. پرڏيهي ميڊيا موجب ملڪ جي موسميات ۽ جيوفزڪس ايجنسي ٻڌايو آهي ته 18 مارچ جي صبح جو 5 لڳي 22 منٽن تي انڊونيشيا جي صوبي سماترا ۾ 5.5 جي شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو. اتر سماترا پراوينشل ڊزاسٽر مينيجمينٽ ايجنسي جي ايمرجنسي، اوزارن ۽ لاجسٽڪس يونٽ جي سربراهه ٻڌايو ته زلزلي سبب هڪ شخص فوت ۽ هڪ زخمي ٿي پيو هو، زلزلي سبب ڪيترن ئي گهرن ۽ هڪ روڊ کي نقصان پهتو آهي. ان کان اڳ به صوبي مالو ۾ 5.7 جي شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن جي 10 منٽن کان پوءِ صوبي نوسا ٽينگارا ۾ به 5.2 جي شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو. ٽنهي زلزلن کان پوءِ به سونامي جو ڪو به الرٽ جاري ناهي ڪيو ويو.