اسلام آباد -15 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسلام آباد ۾ دانش يونيورسٽي جو قيام نه صرف ملڪ ۾ هڪ ماڊل هوندو، پر معياري تعليم، تحقيق ۽ اپلائيڊ سائنسز ۾ ترقي جي بنياد تي دنيا جي اعليٰ تعليمي مرڪزن ۾ به خاص مقام رکندي، وزيراعظم شهباز شريف سيڪٽر ايڇ 16 ۾ دانش يونيورسٽي آف ايمرجنگ سائنسز جي سائيٽ ريويو جي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اسان سڀني لاءِ هي خوشي جو لمحو آهي، اڄ دانش يونيورسٽي جي قيام لاءِ 100 ايڪڙ زمين رکي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته ان ۾ ڪو به شڪ ناهي، ته ملڪ جي مختلف صوبن ۾ سٺا تعليمي ادارا موجود آهن، پر جديد اپلائيڊ سائنسز لاءِ ڪا به مناسب ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ ايجوڪيشنل سينٽر موجود ناهي، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته دانش يونيورسٽي اسٽينفورڊ، آڪسفورڊ، ايم آءِ آءِ ٽي ۽ ٻين عالمي معيار جي يونيورسٽين مان هڪ هوندي، هن چيو ته 14 آگسٽ 2026ع تي يونيورسٽي جو پهريون سيڪشن فعال ٿي ويندو، هن چيو ته حڪومت جو دانش يونيورسٽي جي ڪمن ۽ انتظاميه سان ڪو به تعلق نه هوندو، ڇاڪاڻ ته هي پي ڪي ايل آءِ وانگر خودمختياري سان ڪم ڪندي، جتي ان حوالي سان قانونسازي ڪئي وئي آهي. پي ڪي ايل آءِ هاڻي صحت جي سار سنڀال جي شعبي ۾ بهترين ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم چيو ته سڄي ملڪ مان شاگرد يونيورسٽي جي مختلف فيڪلٽين ۾ خاص ڪري ميرٽ جي بنياد تي داخلائون وٺندا جنهن جو هڪ ٽرسٽ بڻايو ويندو، شروعاتي طور حڪومت 10 ارب روپيا سيڊ مني طور فراهم ڪندي، ان کان پوءِ امير شاگردن جي فيسن ۾ جمع ٿيندڙ رقم سان يونيورسٽي کي هلايو ويندو ۽ غريب شاگردن جي مدد ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته دانش يونيورسٽي جي بورڊ آف گورنرز جي نالن کي حتمي شڪل ڏني وئي آهي، ته جيئن ذهين ماڻهو پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته دانش يونيورسٽي ڪيمپس ڳاڙهي پٿر سان تعمير ڪيو ويندو، جنهن ۾ سموريون سهولتون موجود هونديون. پنجاب مان دانش اسڪولن جي ڪم جي بابت هن چيو ته اتي وڏي تعداد ۾ يتيم ۽ غريب شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مفت تعليم، سمارٽ بورڊز، آءِ ٽي سميت ٻين سهولتن سان ليس هي مرڪز پٺتي پيل علائقن جي شاگردن کي معياري تعليم جون سموريون سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. هن دانش اسڪولن جي استادن جي به ساراهه ڪئي، جن دانش اسڪولن ۾ ڏورانهن علائقن ۾ شاگردن کي پڙهائڻ لاءِ پنهنجي سٺين پگهارن واريون نوڪريون ڇڏي ڏنيون. وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن دانش اسڪولن جي شاگردن کي تعليم نه ڏني وڃي ها ته بي پناهه ٽيلنٽ ضايع ٿي وڃي ها. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سڀني کي معياري تعليم فراهم ڪري هڪ خوشحال پاڪستان جي حقيقي مقصدن کي حاصل ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم ۽ اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ موجوده چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحييٰ آفريد جو 190 ملين پائونڊز جي رقم سرڪاري خزاني ۾ منتقل ڪرڻ تي ٿورو مڃيو، جنهن کي دانش يونيورسٽي جي قيام لاءِ استعمال ڪيو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ان ڳالهه تي زور ڀريو ته قرضن يا فنڊن کي حاصل ڪرڻ سان نه پر قومون محنت جي بنياد ٺهنديون آهن. هن پاڪستان کي هڪ مضبوط ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ ۽ قائداعظم محمد علي جناح جي نظريي کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻ جي عزم جو اظهار پڻ ڪيو. ان کان اڳ تعليم واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي پنهنجي خطاب ۾ ان ڳالهه تي روشني وڌي ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ جديد رجحان حاصل ڪري دنيا بدلجي وئي آهي. هن قوم ۽ ملڪ جي سان واعدو ڪيو ته اهڙي طرح جي قدمن سان ملڪ جي روشن مستقبل لاءِ تعليم ۽ دانش کي هٿي وٺائي ويندي. وفاقي وزير چيو ته اڄ هڪ اهڙي تعليمي مرڪز جو بنياد رکي رهيا آهيون جيڪو صوبن لاءِ هڪ ماڊل آهي. رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ هڪ تاريخي ڏينهن آهي جيڪو وزيرعاطم جي تعليم دوست ويزن سان هم آهنگ آهي. هن چيو ته محمد شهباز شريف پنهنجي وڏ وزارت دوران دانش اسڪولن جي صورت ۾ سڀ کان وڏو گلوبل سائوٿ ايجوڪيشنل انڊومينٽ فنڊ قائم ڪيو جنهن سان پٺتي پيل علائقن جي شاگردن کي معياري تعليم حاصل ٿي. هن چيو ته دانش يونيورسٽي نيڪسٽ ليول يونيورسٽي هوندي جتي صنعتي انقلاب لاءِ افرادي سگهه تيار ڪئي ويندي. هن چيو ته يونيورسٽي ۾ مصنوعي ذهانت، بائيوٽيڪنالاجي، روبوٽڪس، خلائي سائنس ۽ ٻين اڀرندڙ تيڪنالاجيز تي عملي تحقيق جي تعليم فراهم ڪرڻ جي سهولت ميسر هوندي ته جيئن اڪيڊميا ۽ صنتن وچ ۾ کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ پليٽ فارم بڻائي سگهجي. هن چيو ته دانش يونيورسٽي ٽيڪنالاجي جي منتقلي لاءِ عالمي حصيدار پڻ هوندي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته دانش يونيورسٽي ٽيڪنالاجي جي رهنما ڪاروباري ماڻهو فراهم ڪري. هن چيو ته 190 ملين پائونڊز جي رقم جيڪا پاڪستاني عوام جي هئي ۽ مني لانڊرنگ ڪيس مان برطانيه جي اين سي اي واپس ڪئي وئي. حڪومت کي منتقل ڪئي وئي آهي. وفاقي وزير افسوس جو اظهار ڪيو ته ان وقت جي حڪومت رقم جو غلط استعمال ڪيو. هن وفاقي حڪومت کي رقم منتقل ڪرڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ موجوده چيف جسٽس آف پاڪستان ٿورو مڃيو. وفاقي وزير چيو ته اها رقم هاڻي جديد ترين يويورسٽي جي قيام تي خرچ ڪئي ويندي جتي دانش اسڪولن جي انڊر گريجوئيٽ شاگردن کي به داخلا ملندي. تقريب ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وزيرن، پارليامينٽ جي ميمبرن، ماهرن ۽ لاڳاپيل عملدارن به شرڪت ڪئي.