اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسلامو فوبيا جي خطرناڪ لهر کي ختم ڪرڻ، بنيادي انساني حقن ۽ مذهبي آزادين جي کليل خلاف ورزين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي، اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ توهين مذهب يا مقدس علامتن جي بي حرمتي جو ڪو جواز نه آهي، عالمي امن ۽ هم آهنگي جي لاءِ سمورن مذهبن ۽ انهن جي قابل احترام شخصيتن جو احترام ضروري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ 15 مارچ تي اسان عالمي برادري سان گڏجي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، ٽي سال اڳ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ان ڏينهن کي ملهائڻ جو تاريخي فيصلو ڪيو هو جنهن ۾ وڌندڙ تعصب، نفرت، امتيازي سلوڪ ۽ مسلمان ڪميونٽيز سان گڏوگڏ انهن جي مقدس علامتن ۽ عبادتگاهن جي خلاف حملن جي ڏس ۾ هي ڏينهن سڄي دنيا ۾ مسلمانن کي درپيش چئلينجز جي سنگيني جي هڪ واضح ياد ڏياري ٿو، هي ڏينهن ڀرپور انداز سان متحرڪ عملدرآمد جي پڪار جي طور تي ڪردار ادا ڪرڻ سان گڏوگڏ عالمي برادري جي ٺوس قانونسازي ۽ پاليسي قدمن جي ذريعي اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ جي گڏيل خواهش جي عڪاسي پڻ ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان کي گڏيل قومن ۾ ان اهم قدم جي قيادت ڪرڻ تي بي حد فخر آهي ۽ هو ڪجهه ميمبر ملڪن پاران قرآن پاڪ جي بي حرمتي کي غيرقانوني قرار ڏيڻ سان گڏوگڏ مسلمانن جي خلاف تعصب کي ختم ڪرڻ جي لاءِ کنيل قدمن جي آجيان ڪري ٿو جڏهن ته اسلامو فوبيا جي خطرناڪ لهر کي ختم ڪرڻ، بنيادي انساني حقن ۽ مذهبي آزادين جي کليل خلاف ورزين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ وڌيڪ تمام گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي. هن چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن مذهبي عدم برداشت عروج تي آهي، اسان ان ڳالهه تي زور ڏيون ٿا ته اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ توهين مذهب يا مقدس علامتن جي بي حرمتي جو ڪو جواز نه آهي، هر مسلمان جي لاءِ حضور نبي اڪرم ﷺ جي عزت جي حفاظت رڳو هڪ فرض ئي نه پر هڪ مقدس امانت آهي، جنهن کي اسان پوري يقين سان برقرار رکون ٿا، عالمي امن ۽ هم آهنگي جي لاءِ سمورن مذهبن ۽ انهن جي قابل احترام شخصيتن جو احترام ضروري آهي، اهو ضروري آهي ته عالمي فورمز اهڙين ڪاررواين سان ٿيندڙ گهري نقصان کي سڃاڻين ۽ ان جي روڪٿام جي لاءِ گڏيل طور تي ڪم ڪن. وزيراعطم چيو ته اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي ان عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستان عالمي برادري، انساني حقن جي تنظيمن ۽ عالمي اڳواڻن سان ان لعنت جي خلاف بيداري پيدا ڪرڻ سان گڏوگڏ قرآن پاڪ جي بي حرمتي، مسجدن تي حملن ۽ مسلمانن جي خلاف مذهبي عدم برداشت جي ٻين واقعن کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجي مطالبو ڪري ٿو، گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي فيصلي موجب اسان ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ اهم سنگ ميل جي طور تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي خصوصي ايلچي جي جلد مقرري جا منتظر آهيون. هن چيو ته اچو هن ڏينهن کي نه رڳو اسلامو فوبيا ۽ مسلم مخالف نفرت جي وڌندڙ لهر جي خلاف ڳالهه ڪرڻ ۽ عمل ڪرڻ، بلڪه مذهبن، عقيدن، ثقافتن ۽ تهذيبن ۾ مڪالمي، هم آهنگي ۽ گڏيل افهام تفهيم کي فروغ ڏيڻ ۽ عالمي اتحاد ۽ يڪجهتي جي لاءِ استعمال ڪريون، اهي قدم گڏيل ورڇ تي ضابطو آڻڻ ۽ مُختلف برادرين ۾ گڏيل احترام جي تعمير جي لاءِ ضروري آهي، پاڪستان اسلام جي محبت ۽ امن جي حقيقي پيغام ڦهلائڻ جي پنهنجي عزم تي ثابت قدم آهي.