لاڙڪاڻو- 15 مارچ (اي پي پي) شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي لاڙڪاڻو ۽ ڪامسٽيڪ اسلام آباد وچ ۾ صحت، تحقيق، مصنوعي ذھانت، ٽيڪنالاجي ۽ جدت جي شعبي ۾ گڏيل سهڪار وڌائڻ لاءِ ھڪ مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون. شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي مطابق اهو معاهدو گڏيل اڪيڊمڪ ۽ سائنسي تحقيقي پروگرامن، شاگردن ۽ فيڪلٽي جي مٽاسٽا ۽ او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي شاگردن ۽ محققن لاءِ موقعا مهيا ڪرڻ لاءِ ڪيو ويو آهي. اهو معاهدي تي شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر نصرت شاهه ۽ ڪامسٽيڪ جي ڪوآرڊينيٽر جنرل پروفيسر ڊاڪٽر محمد اقبال چوڌري صحيح ڪئي، جڏهن ته شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جو اورڪ ڊائريڪٽر پروفيسر مير حسن کوسو ۽ ڪامسٽيڪ جو پروگرام مينيجر حارث اڪرم پڻ موجود هئا. ٻئي ادارا گڏجي ورڪشاپس، ڪانفرنسون ۽ ٽريننگ پروگرام ترتيب ڏيندا ته جيئن اڪيڊمڪ سرگرمين ۽ ڪلينڪل خدمتن کي او آءِ سي ملڪن ۾ هٿي وٺرائي سگهجي. شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي، ڪامسٽيڪ ۾ جديد ترين مصنوعي ذھانت جو مرڪز ۽ موسمياتي تبديلي جي مطالعي لاءِ هڪ ٻيو مرڪز قائم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو، ۽ شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي فيڪلٽي ميمبرن ۽ پوسٽ گريجوئيٽس لاءِ تحقيقاتي فيلوشپس مهيا ڪندو، جڏهن ته شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي، او آءِ سي ملڪن جي هيلٿ ڪيئر فراهم ڪندڙن لاءِ ٽريننگ ورڪشاپس ۽ شارٽ ڪورسز مهيا ڪندو ۽ پنهنجي فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن کي او آءِ سي ملڪن ۾ ڪلينڪل خدمتون ڏيڻ لاءِ موڪليندو. ھي شراڪت نئين ٽيڪنالاجي، سائنسي تحقيق، ۽ جدت ذريعي صحت جي سهولتن کي بهتر بڻائڻ ۽ شھيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي، ڪامسٽيڪ ۽ او آءِ سي ميمبر ملڪن وچ ۾ تعليمي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪئي وئي آهي. پروفيسر نصرت شاهه ۽ پروفيسر چوڌري پنهنجي پُختي عزم جو اظهار ڪيو ته هو صحت جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ ۽ آفريڪا ۽ وچ اوڀر جي غريب ترين ملڪن جي ماڻهن جي زندگين کي سڌارڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا.