ڪراچي- 15 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي راندين واري وزير سردار محمد بخش مهر چيو آهي ته جيڪڏھن ڪرڪيٽرز حلوہ پوري، نھاري ۽ حليم کائيندا ته ڪيئن کيڏي سگھندا؟. ڪرڪيٽرز کي پنهنجي ڊائيٽ ۽ نيوٽريشن تي به ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. سردار محمد بخش مهر ڪورنگي ٽائون ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو رمضان ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي تقريب ۾ خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته قومي ٽيم جي ڪارڪردگي تي پوري قوم مايوس آهي، اسان کي قومي ڪرڪيٽ ٽيم تي ڪافي محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪرڪيٽ منهنجي دائري اختيار ۾ ناهي، پر هاڻي مون کي ئي ڪرڪيٽ لاءِ ڪجهه ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ڪورنگي ۾ ٿيندڙ ايونٽ ۾ ڪي اهڙا به بالرز آهن جن کي مان پنج کان ڇھ ڇڪا ھڻي سگهان ٿو، ڪجهه اهڙا بيٽسمين آهن جن کي مان آرام سان آئوٽ ڪري سگهان ٿو، فٽنس آهي ته سڀ ڪجهه آهي. سردار محمد بخش مهر ڪرڪيٽ ٽورنامنٽ جي فاتح ٽيم لاءِ 4 لک رپيا، رنر اپ لاءِ 2 لک رپيا ۽ مين آف دي ميچ لاءِ 50 هزار رپيا انعام ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو، جڏهن ته ڪورنگي ۾ هر سال مختلف راندين جا ايونٽ منعقد ڪرائڻ سان گڏ جم ڪلب پڻ ٺاهڻ جو اعلان ڪيو. راندين واري صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت راندين کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ هر ممڪن سھڪار فراهم ڪندي، راندين جي ميدانن جي تعمير ۽ رانديگرن جي تربيت لاءِ پڻ ڪم ڪري رهي آهي. تقريب ۾ سنڌ جي رندين واري کاتي جي پارلياماني سيڪريٽري صائمہ آغا، پيپلز پارٽي ڪورنگي جي صدر جاني ميمڻ، چيئرمين ڪورنگي ٽائون محمد نعيم شيخ ۽ وڏي انگ ۾ ڪورنگي جي عوام شرڪت ڪئي.