اسلام آباد – 15 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته پاڪستان سمورن مذهبن ۽ ثقافتن جي وچ ۾ رواداري هم اهنگي ۽ گڏيل احترام کي هٿي ڏيڻ واري عزم کي ورجائي ٿو. اسلامو فوبيا خلاف عالمي جنگ ۾ پاڪستان هڪ اهم قوت رهيو آهي. اسلامو فوبڪ بيان بازي، نفرت تي ٻڌل تقريرون ۽ مسلمانن، مسجدن ۽ مقدس جاين تي حملن جا وڌندڙ واقعا انتهائي پريشان ڪندڙ ۽ ناقابل قبول آهن، جنهن لاءِ فوري ۽ مضبوط عالمي رد عمل جي ضرورت آهي. اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پرڏيهي ترجمان طرفان جاري هڪ بيان مطابق نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته اڄ اسلامو فوبيا سان مقابلي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تي پاڪستان سمورن مذهبن ۽ ثقافتن جي وچ ۾ رواداري، هم آهنگي ۽ گڏيل احترام کي هٿي ڏيڻ واري عزم کي ورجائي ٿو. اسلامو فوبڪ بيان بازي، نفرت واريون تقريرون ۽ مسلمانن، مسجدن ۽ مقدس جاين تي حملن جا وڌندڙ واقعا انتهائي پريشان ڪندڙ ۽ مڪمل طور تي ناقابل قبول آهن جنهن لاءِ فوري ۽ مضبوط عالمي ردعمل جي ضرورت آهي. هن چيو ته مذهبي ڪتاب جي بي حرمتي ۽ سڄي دنيا ۾ مسلمانن جي مسلسل پسماندگي نه رڳو اسلامي قدرن تي حملو بلڪه بنيادي انساني حقن ۽ مذهبي آزادي جي اصولن جي سنگين خلاف ورزي به آهي. اسحاق ڊار چيو ته اسلاموفبيا خلاف عالمي جنگ ۾ پاڪستان هڪ اهم قوت رهيو آهي. اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) سان گڏجي پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 15 مارچ تي اسلاموفبيا سان منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن طور نامزد ڪرڻ جي تاريخي فيصلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. بعد ۾ پاڪستان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي هڪ ٻي ٺهرا جي منظوري ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن ۾ سمورين رياستن تي زور ڏنو ويو ته اهي اسلامو فوبيا جي ڪاررواين کي مجرماڻو بنائڻ جي لاءِ قانونن تي عمل ڪن ۽ ان مسئلي جي حل لاءِ يو اين سيڪريٽري جنرل کان خصوصي نمائندو مقرر ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان عالمي برادري تي زور ڏئي ٿو ته اها متڀيد واري قانون سازي ۾ سڌارن، نفرت وارين تقريرن جو مقابلو ڪرڻ ۽ گڏيل احترام کي هٿي ڏيڻ لاءِ حقي بين المذهبي مڪالمي کي هٿي ڏيڻ لاءِ موثر قدمن تي عمل ڪري. سوشل ميڊيا پليٽ فارمس تي نفرت پکيڙيندڙن جو احتساب ڪندي ۽ اسلامو فوبيا کي هٿي ڏيندڙ مواد هٽائڻ کي يقيني بنائيندي اهم ذميواري قبول ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته تعليم تعصب جو خاتمو ۽ جامع ۽ همدرداڻي نقطه نظر کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته اچو ته هڪ اهڙي دنيا تعمير ڪيون جنهن ۾ سمورن عقيدن جا ماڻهو هڪ ٻئي سان هم اهنگي سان رهي سگهن جتي خوف تي مفاهمتي عمل حاوي هجي ۽ گڏيل احترام ورهاڱي کان مٿانهون هجي.