اسلام آباد – 15 مارچ (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اسلامو فوبيا جي روڪٿام وارو عالمي ڏينهن ڇنڇر 15 مارچ تي ملهايو ويو. اهو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد اسلامو فوبيا جي اهم مسئلي جو حل ڪڍڻ ۽ ان جو مقابلو ڪرڻ آهي. اهو ڏينهن سڄي دنيا ۾ مسلمانن خلاف متڀيد جي سلوڪ کي هٿي ڏيندڙ تعصبن ۽ مدي خارج تصورن جو مقابلو ڪرڻ ۽ انهن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت جي ياد پڻ ڏياري ٿو. واضح رهي ته 2018ع ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ هڪ ٺهراءَ منظور ڪيو ويو جنهن ۾ 15 مارچ تي اسلامي فوبيا جي روڪٿام وارو عالمي ڏينهن ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. قرارداد کي او آءِ سي جي 57 ميمبرن ۽ چين ۽ روس سميت اٺن ٻين ملڪن جي حمايت حاصل هئي.