اسلام آباد – 15 مارچ (اي پي پي) پاڪستان عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ ٺوس ۽ موثر قدمن تي عمل ڪيو وڃي. اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته اسلاموفوبڪ بيان بازي، نفرت واريون تقريرون ۽ مسلم ڪميونٽيز، مسجدن ۽ مقدس هنڌن تي حملن جا واقعا بنيادي انساني حقن ۽ مذهبي آزادي جي اصولن جي سنگين خلاف ورزي آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسلامو فوبيا خلاف عالمي جنگ ۾ هڪ متحرڪ آواز طور پاڪستان سمورن مذهبن ۽ ثقافتن جي وچ ۾ رواداري، هم آهنگي ۽ گڏيل احترام کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ بين الاقوامي برادري سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جو منتظر آهي.