رياض-16 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب ۾ غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪم ڪندڙ گڏيل ڪميٽي گذريل هفتي 23 هزار 865 غير قانوني پرڏيهين کي گرفتار ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪم ڪندڙ گڏيل ڪميٽي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي اهي گرفتارين 6 کان 12 مارچ 2025ع وچ ۾ ٿيون جن مان 16644 اقامه قانونن جي ڀڃڪڙي، 3896 گرفتار ٿيل سرحدي قانونن جي ڀڃڪڙي جڏهن ته 3325 پرڏيهي ليبر قانونن جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث هئا. هن چيو ته ڄاڻايل عرصي دوران 1432 ماڻهو گرفتار ٿيا جيڪي سرحد پار ڪري ملڪ ۾ غير قانوني طور داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا جن ۾ 29 سيڪڙو يمني، 67 سيڪڙو ايٿوپي جڏهن ته 4 سيڪڙو ٻين ملڪن جا پرڏيهي هئا. ڪميٽي چيو ته غير قانوني پرڏيهين کي سهولت فراهم ڪرڻ تي 13 ڄڻا گرفتار ٿيا آهن.