ماسڪو – 14 مارچ (اي پي پي) روس جي صدر ولاديمير پيوٽن چيو آھي ته روس يوڪرين ۾ جنگ بندي جي آمريڪي تجويز جي اصولي طور تي حمايت ڪئي آھي پر تڪرار جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻو پوندو. پرڏيھي ميڊيا مطابق ھن بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو سان ڳالھين بعد ڪريملن ۾ نيوز ڪانفرنس دوران ٻڌايو ته اسان جنگ بندي جي تجويزن تي متفق آھيون. اھو خيال درست آھي ۽ اسان يقيني طور تي ان جي حمايت به ڪيون ٿا. ھن چيو ته جنگ بندي اھڙي هجڻ گھرجي جيڪا ڊگھي مدي تائين امن جو بنياد بڻجي ۽ ان بحران جي اصل سببن کي ختم ڪري ڇڏي. روس جي صدر ڪجھه اھڙن مسئلن جي نشاندهي ڪندي چيو ته انھن مسئلن بابت وڌيڪ وضاحت جي ضرورت آھي. ھن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو شڪريو ادا ڪيو.