بيروت-14 مارچ (اي پي پي)لبنان جي فوج جي اڳوڻي ڪمانڊر جوزف عون کي ملڪ جو صدر چونڊڻ جي ٻن مهينن بعد لبنان جي حڪومت روڊولف هيڪل کي آرمي ڪمانڊر مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٻن مهينن کان جاري ڳالهين بعد ان اهم سيڪيورٽي عهدي کي ڀريو ويو آهي. پهرين کان قائم اصولن موجب هڪ فوجي اڳوڻ ئي ان عهدي کي سنڀاليو آهي. روڊولف هيڪل جو تعلق ملڪ جي ڏکڻ پاسي جي ضلعي سان آهي. هو لبنان جي فوج ۾ ڊائريڪٽر آپريشنز جي عهدي تي هيو. هو عسڪري اداري تحت به ڪيترن ئي عهدن تي رهيو ۽ مختلف ذميواريون سنڀاليون.