لنڊن – 14 مارچ (اي پي پي) برطانيا جي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر ڪامورا شاهي جي افرادي سگهه ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ حڪومتي اداري نيشنل هيلٿ سروس انگلينڊ کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق هن گذريل ڏينهن اوڀر انگلش شهر هل جي دوري جي موقعي تي اعلان ڪندي چيو ته ڪامورا شاهي ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ اين ايڇ ايس انگلينڊ کي ختم ڪيو ويندو. هن چيو ته مان پوري ايمانداري سان برطانوي عوام کي اهو نٿو ٻڌائي سگهان ته پنهنجو پيسو بيوروڪريسي تي ڇو خرچ ڪن. اها رقم نرسن، ڊاڪٽرن، آپريشنن، جي پي جي مقررين تي خرچ ڪري سگهجي ٿو ۽ اهو ٿيڻ گهرجي. ان ڪري اسان بيوروڪريسي کي ختم ڪرڻ وڃي رهيا آهيون. حڪومت جو ڌيان ڪم ڪندڙ ماڻهن جي ترجيحات فرنٽ لائين تي پيسو منتقل ڪرڻ تي آهي. وزير اعظم مطابق مصنوعي ذهانت جو استعمال ۽ برطانيا جي سول سروس کي گهٽائڻ سان حڪومت کي ساليانو 45 بلين پائونڊز (58.3 بلين ڊالرن يا 53.5 بلين يورو) جي بچت ٿي سگهي ٿي.