رياض-14 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ روس جي صدر ولادي ميرپيوٽن وچ ۾ ٽيليفون تي رابطو ٿيو جنهن ۾ يوڪرين بحران جي حل لاءِ ڪيل ڪوششن جي باري ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب ڳالهين دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ جي طريقيڪار جو جائزو ورتو ويو. سعودي ولي عهد باور ڪرايو ته يوڪرين بحران جي حل جي سلسلي ۾ ڳالهين جي سهولتڪاريءَ لاءِ ڪوششون ۽ اهو سڀ ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، جنهن سان سياسي حل تائين پهچي سگهجي. روس جي صدر هڪ ڀيرو ٻيهر مملڪت جي تعميري ڪوششن تي ٿورو مڃيو. ڪريملن هائوس مان جاري بيان ۾ ٻُڌايو ويو ته روس جي صدر يوڪرين بحران جي حل لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن کي ساراهيو. ڪريملن موجب پيوٽن سعودي عرب جي ان ڪوششن جي ساراهه ڪئي جن آمريڪا سان ڳالهين جي راهه هموار ڪئي. روسي صدر ۽ سعودي ولي عهد اوپيڪ پلس جي سلسلي ۾ به تعاون جي اهميت تي زور ڀريو.