واشنگٽن – 14 مارچ (اي پي پي) آمريڪا جي ڪيليفورنيا ۽ ميري لينڊ رياستن جي وفاقي ججن ٽرمپ انتظاميا کي چيو آھي ته ھو انھن ھزارين وفاقي ملازمن کي بحال ڪري جيڪي ڊائون سائيزنگ جي نتيجي ۾ پنھنجون نوڪريون وڃائي ويٺا آھن. پرڏيھي ميڊيا مطابق ميري لينڊ رياست جي شھر بالٽي مور ۾ آمريڪي ڊسٽرڪٽ جج جيمز بريڊر چيو ته تازن ھفتن ۾ ملازمن کي اجتماعي طور تي برطرف ڪندڙ ادارن مان 18 ادارن ڪارڪن جي برطرفي ۾ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي. آمريڪي ڊسٽرڪٽ جج جيمز بريڊر جي حڪم تي عمل ٻين ايجنسين کان علاوه، ماحولياتي تحفظ جي ايجنسي، ڪنزيومر فنانشل پروٽيڪشن بيورو ۽ يو ايس ايجنسي فار انٽرنيشنل ڊولپمينٽ تي ٿئي ٿو. جج پنهنجي فيصلي جي حڪم ۾ شامل ٻين ايجنسين ۾ آمريڪا جي زراعت واري کاتي، واپار، تعليم، صحت ۽ انساني خدمتن، ھوم لينڊ سيڪيورٽي، ھائوسنگ ۽ شھري ترقي، ليبر، ٽرانسپورٽيشن، ٽريزري ۽ ٻيا ادارا شامل آھن. هوڏانهن انتظاميا پنھنجي موقف ۾ چيو آهي ته ھر ھڪ ملازم کي سندن ڪارگردگي يا ٻين انفرادي سببن جي ڪري برطرف ڪيو ويو آھي. واضح رھي ته آمريڪا ۾ 19 ادارن ۾ ڊائون سائزنگ سبب ھزارين وفاقي ملازم پنھنجون نوڪريون وڃائي چڪا آھن.