ڪوئيٽا – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ حڪومت جي پختي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ملڪ جي پوري سياسي قيادت کي گڏجي ويهي چئلينجز جو جائزو وٺڻ گهرجي، سڀ کان وڏو چئلينج اتفاق جي کوٽ آهي، اسان کي قومي يڪجهتي جي ضرورت آهي، 2016ع ۾ اسان جهڙي طرح پشاور ۾ اي پي سي گهرائي هئي، اهڙي طرح هاڻي به گڏجي ويهنداسين، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن بولان ۾ جعفر ايڪسپريس تي حملو ڪندڙن کي گهڻ رخي حڪمت عملي جي ذريعي جهنم ڀيڙو ڪيو، بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي آهي، دهشتگردي جي خلاف قربانيون ڏيندڙن جي توهين ڪرڻ سڀ کان وڏو ڏوهه آهي، دهشتگردن جي ملڪ ۾ ورڇ پيدا ڪرڻ جي حربن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ يڪجهتي جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن امن امان بابت اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير، بلوچستان جو گورنر ۽ بلوچستان جو وڏو وزير پڻ موجود هئا. وزيراعظم چيو ته بولان ۾ جعفر ايڪسپريس سانحي تي پوري قوم ڏکويل آهي، ان ٽرين ۾ 400 کان وڌيڪ معصوم پاڪستانين کي يرغمال بڻايو ويو، معصوم شهرين کي شهيد ڪيو ويو، دهشتگردن رمضان جي احترام جو خيال نه رکيو، اهڙو واقعو ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ناهي ٿيو. هن چيو ته اهي مسافر عيد ملهائڻ جي لاءِ پنهنجي گهرن ڏانهن خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب وڃي رهيا هئا، انهن ۾ فوجي جوان به موجود هئا، انهن دهشتگردن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪمت عملي ڪيترن ئي رخن تي ٻڌل هئي، معصوم جانين کي به بچائڻو هو ۽ دهشتگردن کي ختم ڪرڻو هو، خودڪش حملي آورن معصوم ماڻهن کي باندي بڻائي رکيو هو، آرمي چيف سيد عاصم منير جي قيادت ۾ پاڪ فوج خاص طور تي ضرار ڪمپني گڏيل حڪمت عملي سان 339 پاڪستانين کي بازياب ڪرايو ۽ 33 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو. ضرار يونٽ دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ جي لاءِ جوڙيو ويو آهي، هِن انهن جا پاڪستاني خاص طور تي بلوچستان عوام پاران ٿورا مڃيا ۽ انهن جي جرئت ۽ بهادري کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته انهن بي رحم درندن کان انهن پاڪستانين جي جان بچائي، ٻيهر اهڙي ڪنهن حادثي کي برداشت نه ٿا ڪري سگهون. بلوچستان، سنڌ، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ وفاق سميت سڀني کي گڏجي ان جو مقابلو ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي جيستائين ٻين صوبن جي برابر نه ٿيندي ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي نه ٿيندي، دهشتگردي جو خاتمو ڪرڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نه ٿو ڪري سگهي، 80 هزار پاڪستاني دهشتگردي جو نشانو بڻيا، 30 ارب ڊالر جو معاشي نقصان ٿيو، نواز شريف جي حڪومت جي دور ۾ قوم ۽ پاڪ فوج جي قربانين سان اسان دهشتگردي جو خاتمو ڪري ڇڏيو هو. وزيراعظم سوال ڪيو ته دهشتگردي جو سبب ڪهڙو آهي؟ طالبان سان دل جو رشتو ڳنڍڻ ۽ ٺاهڻ سان ٿڪجن نه ٿا، انهن هزارين طالبانن کي ڇڏيو، ڪڌي ڪردارن کي ڇڏيو ويو، اهو ئي دهشتگردي جو سبب آهي. پاڪ فوج جا آفيسر ۽ جوان ڏينهن رات قربانيون ڏئي رهيا آهن، اسان کي انهن جو احترام ڪرڻ گهرجي، ملڪ جو هڪ طبقو اهڙن واقعن تي جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪري ٿو اهو زبان تي نه ٿي آڻي سگهجي، اوڀرندي پاڙيسري جنهن سدائين پاڪستان سان دشمني ڪئي آهي، ان پاڪستان جي نمڪ حرامن جي بيانيي کي اڳتي وڌايو، اهي پاڪستاني عوام ۽ ملڪ جي خلاف لهي آيا آهن. هن چيو ته گذريل هڪ سال ۾ معيشت مستحڪم ٿي آهي جنهن جو عالمي ادارا اعتراف ڪري رهيا آهن، دهشتگردي جي خلاف قانيون ڏيندڙن جي توهين ڪرڻ ملڪ دشمني آهي ۽ ملڪ جي خلاف وڏو ڏوهه آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان 40 لک افغانين جي ميزباني ڪئي، اهي هتي اربين رپين جي ملڪيتن جا مالڪ آهن، جنڊوله ۾ 6 دهشتگردن کي ماريو ويو. هن چيو ته اهو پاڪستان جي دهشتگردي جي خلاف پختي عزم جو اظهار آهي. وزيراعظم چيو ته ڪنهن کي ملڪ جي لاءِ قربانيون ڏيندڙن جي خلاف زهريلي پروپئگنڊه ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، 2010ع جي اين ايف سي ايوارڊ ۾ ان وقت جي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني، نواز شريف ۽ پنجاب جي وڏي وزير بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جي لاءِ حصو ڏنو، ان مد ۾ خيبرپختونخواهه کي 600 ارب رپيا ڏنا ويا آهن پر اتان جي حڪومت سيف سٽي سميت ڪهڙا قدم کنيا، دهشتگردي جي لعنت کي ختم نه ڪيو ته ملڪ جي وجود کي خطرو هوندو، امن ۽ ترقي ۽ خوشحالي جو سفر رڪجي ويندو، ايف سي کي جديد تربيت ۽ ساز و سامان سان تبديلي ايندي، ليويز وٽ گهٽ سهولتون آهن، بلوچستان ۾ سي ٽي ڊي جي جوڙجڪ سميت ٻيا قدم کڻڻا پوندا ۽ اڳتي وڌڻو پوندو، ملڪ جي پوري سياسي قيادت کي گڏجي ويهي چئلينجز جو جائزو وٺڻ گهرجي، وڏو چئلينج آهي ته اسان کي ان تي اتفاق هجڻ گهرجي جنهن جي کوٽ آهي، خيبرپختونخواهه حڪومت وفاق جي منصوبن جي مخالفت ڪري ٿي. هن چيو ته وفاقي حڪومت بلوچستان کي سمورا وسيلا فراهم ڪندي، بلوچستان جون روايتون مثالي آهن، جعفر ايڪسپريس تي حملو بلوچ ثقافت جي نالي تي هڪ ڌٻو آهي، دهشتگرد پاڪستان جي عوام ۾ ورڇ پيدا ڪرڻ جي لاءِ هر حربو استعمال ڪندا، اسان کي قومي يڪجهتي جي ضرورت آهي، 2016ع ۾ اسان جهڙي طرح پشاور ۾ اي پي سي گهرائي هئي، اهڙي طرح هاڻي به گڏجي ويهنداسين ۽ پاڪستان کي عظيم ملڪ بڻائينداسين، 300 فريش زرعي گريجوئيٽس تربيت جي لاءِ چين وڃي رهيا آهن، انهن ۾ بلوچستان جو حصو 10 سيڪڙو وڌيڪ آهي، ليپ ٽاپ ۾ به 10 سيڪڙو حصو وڌيڪ آهي، هواووي پاران 3 لک نوجوانن جي تربيت ۾ به بلوچستان جي ڪوٽا آهي. ان موقعي تي شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ دعا پڻ ڪئي وئي.