ڪراچي-13 مارچ (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته هيءَ خوشي جي ڳالهه آهي ته پاڻي بابت سنڌ جي وڏي وزير جي پيش ڪيل قرارداد جي جماعت اسلامي، پي ٽي آءِ، ۽ ايم ڪيو ايم پڻ حمايت ڪئي آهي، حقيقي مسئلن تي پورو صوبو هڪ آواز بڻجي پنهنجو پيغام پهچائي رهيو آهي، هن وطن سان اسان کي جان کان وڌيڪ محبت آهي ۽ هيءَ ساڳي سنڌ اسيمبلي آهي جنهن پاڪستان ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، پاڪستان ٺاهڻ جو ڪريڊٽ سنڌ صوبي کي وڃي ٿو ڇو ته سڀ کان پهريان هتي پاڪستان جي قرارداد پيش ڪئي وئي هئي. سنڌ اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سڄي دنيا ۾ ڪنهن به وڏي منصوبي کان اڳ فيزيبلٽي رپورٽ تيار ڪئي ويندي آهي ۽ ڪنهن به هڪ علائقي جي فائدي کي سڀني جي فائدي سان مشروط نه ٿو ڪري سگهجي.هن چيو ته جيئن جسم جي ڪنهن هڪ حصي کي تڪليف هجي ته سڄو جسم متاثر ٿئي ٿو، تيئن ئي پاڪستان به هڪ جسم وانگر آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن هڪ حصي کي تڪليف ٿيندي ته سڄو ملڪ ان جو اثر محسوس ڪندو. هن چيو ته پاڪستان هڪ وفاق آهي ۽ ان وفاق جي سڀ کان وڏي محافظ پاڪستان پيپلز پارٽي رهي آهي، جيڪا هميشه قومي اتحاد کي ترجيح ڏيندي رهي آهي.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مشڪل حالتن ۾ پيپلز پارٽي هميشه پاڪستان جي سالميت کي اوليت ڏني آهي. هن زور ڀريندي چيو ته پاڻي جو مسئلو رڳو پاڻي جي فراهمي تائين محدود ناهي پر اهو انساني زندگي لاءِ آڪسيجن جيان ضروري آهي. جيڪڏهن ڪنهن جو آڪسيجن بند ڪيو ويندو ته اهو احتجاج ڪندو ۽ ساڳيو حال سنڌ جو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ٿر ۾ سوڪهڙو ٿيندو هو ته ماڻهو ٻين علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪندا هئا، پر جيڪڏهن سڄي سنڌ ۾ پاڻي اڻ لڀ ٿي ويو ته ماڻهو ڪٿي ويندا؟هن چيو ته پوري پاڪستان جو آخري ڇيڙو ڪراچي آهي ۽ جيڪڏهن درياهن ۾ پاڻي نه هوندو ته ڪراچي ۾ پاڻي ڪٿان ايندو؟ هي رڳو پاڻي جو مسئلو ناهي پر بقا جو سوال آهي. هن عالمي بينڪ جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته 2025 ۾ پاڻي جو شديد بحران هوندو جنهن سبب خوراڪ ۾ 70 سيڪڙو گهٽتائي ٿي سگھي ٿي. 2021 جي عالمي بينڪ جي رپورٽ ۾ پڻ واضح ڪيو ويو هو ته 2025 ۾ صوبن جي وچ ۾ پاڻي جا تڪرار پيدا ٿيندا. شرجيل انعام ميمڻ سوال اٿاريو ته اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هڪ رپورٽ اڳواٽ ئي اڳڪٿي ڪري ته 2025 ۾ صوبن جي وچ ۾ تڪرار ٿيندا؟ هن چيو ته وڏي وزير جا خط، ارسا جون گڏجاڻيون ۽ ٻيا شاهد ان ڳالهه جي گواهي ڏين ٿا ته سنڌ حڪومت هميشه جاڳندي رهي آهي ۽ سنڌ جي مسئلن تي ڪڏهن به غفلت نه ڪئي وئي آهي.هن وڌيڪ چيو ته سانگهڙ ۾ مشرف جي دور حڪومت ۾ ڪالا باغ ڊيم جي حق ۾ ريلي ڪڍي وئي هئي، ۽ اڄ اهي ئي ماڻهو روڊن تي احتجاج ڪري رهيا آهن. انهن ماڻهن اقتدار لاءِ سنڌ جي پاڻي تي سوديبازي ڪئي، ۽ انهن مان هڪ شخص کي سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو، جنهن ماضي ۾ ڪالا باغ ڊيم جي حق ۾ مهم هلائي هئي.شرجيل انعام ميمڻ واضح ڪيو ته پاڪستان جي مضبوطي لاءِ پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه ڪم ڪندي آئي آهي ۽ مرڻ گهڙي تائين ڪندي رهندي. هن چيو ته اسان جو جيئڻ مرڻ پاڪستان سان آهي ۽ اسان هميشه ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪوششون ڪندا رهنداسين.