ڪراچي-13 مارچ (اي پي پي) سنڌ اسيمبليءَ سنڌُو درياهه تي سمورن واهن جي منصوبي خلاف ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. تفصيل موجب سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، جنهن دوران سمورن ميمبرن جعفر ايڪسپريس تي حملي جي مذمت ڪئي ۽ پاڪ فوج جي شهيدن کي سلام پيش ڪيو.اجلاس ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪئنال ٺاهڻ جي رٿ خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن تي آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو، زراعت واري وزير محمد بخش مهر، اڳوڻي اسپيڪر نثار احمد کهڙو، اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ، جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم جي پارلياماني اڳواڻن، مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي ۽ ٻين پارٽين جي ميمبرن پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته هن وقت سنڌ جي هر شهر ۾ وڪيلن، شاگرد، سياسي ڪارڪنن ۽ هارين سميت عوام سراپا احتجاج آهي، تنهن ڪري وفاقي حڪومت کي گهرجي ته سنڌو دريا مان واهه ٺاهڻ واري منصوبي کي هميشه لاءِ رد ڪري.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسيمبلي کي خطاب ڪندي چيو ته چولستان ڪينال بابت سوشل ميڊيا تي پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي پر ڪم نه ٿي رهيو آهي.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته انڊس ڊيلٽا ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي ۽ پنجاب ۾ به پاڻي جي کوٽ آهي، ان ڪري نئين ڪئنال لاءِ پاڻي ڪٿان آندو ويندو.سنڌ جي وڏي وزير جي ڳالهه ٻولهه کانپوءِ سنڌ اسيمبليءَ اتفاق راءِ سان سمورن واهن جي منصوبي خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.آخر ۾ اسپيڪر اويس قادر شاهه سنڌ اسيمبلي جو اجلاس جمعي ڏينهن اڍائي وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو.