اسلام آباد-13 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ميمبرن دهشتگرديءَ خلاف قدمن لاءِ قومي اتفاق راءِ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو آهي ته بلوچستان جي مسئلي کي سياسي انداز ۾ حل ڪرڻ ضروري آهي، بلوچستان جي معاملي تي آل پارٽيز ڪانفرنس گُهرائي وڃي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ جعفر ايڪسپريس سانحي تي بحث ۾ حصو وٺندي قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته اسان جعفر ايڪسپريس سانحي جي مذمت ڪريون ٿا ۽ـ شهيد ٿيلن جي ڪٽنبن سان تعزيت ڪريون ٿا، ان معاملي تي ايوان ۾ تفصيلي بحث ٿيڻ گهرجي ۽ هرهڪ ميمبر کي ان تي ڳالهائڻ گهرجي. هن چيو ته اسان لاءِ سڀ کان پهرئين پاڪستان ۽ـ پاڪستان جا ادارا آهن، ادارن کي بااختيار ۽ مضبوط بنائڻ ضروري آهي. ادارن کي آئيني حدن ۾ رهندي ڪم ڪرڻ گهرجي، دهشتگرديءَ خلاف قدمن لاءِ قومي اتفاق راءِ هئڻ گهرجي. هن چيو ته غير قانوني پرڏيهين خلاف قانوني ڪارروائي هئڻ گهرجي پر قانوني طور تي رهندڙ افغان پناهگيرن جي حوالي سان فيصله سازيءَ ۾ بلوچستان ۽ـ ڪي پي ڪي جي حڪومتن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پختونخوا عوامي ملي پارٽي جي سربراهه محمود خان اچڪزئي چيو ته جيڪڏهن پارليامينٽ مضبوط ۽ عوام جي حقيقي مسئلن تي قانونسازي ٿئي ته ملڪ ۾ استحڪام ۽ ترقي ممڪن ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته ڊسمبر 1979ع ۾ سوويت يونين افغانستان ۾ فوجي مداخلت ڪئي هئي جنهن کانپوءِ پاڪستان، آمريڪا ۽ـ ٻين اولهه جي ملڪن سان گڏجي افغان جهاد جي حمايت ڪئي. هن چيو ته هي فيصلو ان وقت جي عالمي سياست سردِجنگ ۽ پاڪستان جي پنهنجي سلامتيءَ جي خدشن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو هو، ڪجهه ماڻهو ان کي تزويراتي ڪاميابي سمجهن ٿا، ڇاڪاڻ ته ان سان سوويت يونين کي افغانستان مان نڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو جڏهن ته ٻين ماڻهن جو اهو مؤقف آهي ته ان جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ شدت پسندي، پناهگيرن جو بحران ۽ ٻيا مسئلا پيدا ٿيا. هن چيو ته پاڪستان ۾ شدت پسندي ۽ فرقيواراڻي تشدد جون پاڙون تاريخي، سياسي ۽ـ عالمي سببن سان ڳنڍيل آهن. هن چيو ته جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ، آئين جي بالادستي قائم ڪرڻ ۽ معاشرتي هم آهنگي پيدا ڪرڻ مسئلن جو مستقل حل آهي. شير افضل مروت چيو ته محترمه بينظير ڀٽو چيو هو ته بلوچستان جي مسئلي کي سياسي انداز ۾ حل ڪرڻ ضروري آهي، اسان کي پنهنجي ترجيحن جو تعين ڪرڻ گهرجي. شير افضل مروت چيو ته وسيلن جي انصاف ڀرئي ورڇ سان گهڻا مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. دهشتگرديءَ خلاف ڊگهي مُدي واري حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ پارليامينٽ جو ڪردار فعال ۽ـ اهميت رکندڙ هئڻ گهرجي. پولين بلوچ چيو ته جعفر ايڪسريس جو واقعو افسوسناڪ آهي، اسان 75 سالن ۾ بلوچستان جي مسئلن ۽ تڪليفن کي دُور نه ڪري سگهياسين، امن کي يقيني بنائڻ لاءِ رياست کي پنهنجي پاليسين تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي. اڃا به وقت آهي ته هن ملڪ ۾ اهڙا ماڻهو موجود آهن جيڪي صورتحال کي بهتر بنائي سگهن ٿا. بلوچستان جي معاملي تي آل پارٽيز ڪانفرنس گُهرائي وڃي جنهن ۾ سمورن حصيدارن کي دعوت ڏيڻ گهرجي. بلوچستان ۾ هزارن جي انگ ۾ نوجوان بيروزگار آهن، بلوچستان جي نوجوانن کي روزگار جي فراهميءَ لاءِ جامع قدم کنيا وڃن. هن چيو ته بلوچستان جو سڀ کان وڏو مسئلو مسنگ پرسن جو آهي، ان مسئلي جي حل لاءِ سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي.