اسلام آباد-13 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته هو ايوان کي قانون ۽ لاڳاپيل قاعدن ۽ ضابطن مطابق هلائي رهيو آهي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس جي شروعات تي هن چيو ته گذريل ڏينهن مخالف ڌُر سندس غير موجودگيءَ ۾ ڪجهه ڳالهيون ڪيون آهن جن جو جواب هو وقت تي ڏيندو، جڏهن مخالف ڌُر جو اڳواڻ ايوان ۾ موجود هوندو. هن چيو ته هو هائوس کي رولز ۽ روايتن موجب هلائي رهيو هو، پر هاڻ هو سياسي اسٽرينٿ موجب ايوان کي هلائيندو. ليڊر آف دي اپوزيشن ڪالهه چيو آهي ته ان حوالي سان اسان وٽ پورو رڪارڊ موجود آهي. هن چيو ته ڌيان ڇِڪرائيندڙ نوٽيسز ۽ سوالن جي وقفي جي حوالي سان به انگ اکر موجود آهن. بئريسٽر گوهر چيو ته بولان واقعي جي اسان شديد مذمت ڪريون ٿا. شهيدن جي ڪٽنبن سان دلي همدردي آهي، فوج کي ساراهيون ٿا. هن چيو ته اسيمبلي جا رولز باقي قانونن کان مختلف آهن، اسيمبلي ميمبرن لاءِ رولز جي پاسداري به ضروري آهي، اسان کي اعتراض واري نقطي تي ڳالهائڻ نٿو ڏنو وڃي ۽ جڏهن به موقعو ڏنو وڃي ٿو ته ڳالهه مڪمل ڪرڻ نٿي ڏني وڃي. هن چيو ته رولز جي پاسداري ضروري آهي، ماضيءَ کي وسارڻو پوندو ۽ اڳتي وڌڻو پوندو.