اسلام آباد-13 مارچ (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ـ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل عوامي خدمتن ۾ تعاون تي اتفاق ڪيو ويو آهي. آءِ ٽي واري وزارت ون اسٽاف شاپ ماڊل ڪاروباري ۽ سرڪاري خدمتن ۾ آساني آڻيندي. سمارٽ اسلام آباد منصوبو عوامي خدمت جي بهتريءَ طرف هڪ اهم وِک آهي. آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت مان جاري بيان موجب آذربائيجان جي سفير خضر فاردوف، وفاقي وزير سان اهم ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ ڊجيٽل تعاون کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم پاڪستان جي دؤري کانپوءِ ٻه طرفو تعاون وڌيڪ مضبوط ٿي ويو آهي. پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ ٽيڪنالاجي ۽ ڊجيٽل عوامي خدمتن ۾ تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. هن چيو ته آسان خدمت مرڪزن بابت پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم جو ويزن عوامي خدمتن جي سهولت ۽ مؤثر فراهمي پهرين ترجيح آهي. وفاقي وزير چيو ته آءِ ٽي واري وزارت ون اسٽاپ شاپ ماڊلز ڪاروباري ۽ سرڪاري خدمتن ۾ آساني آڻيندي. سمارٽ اسلام آباد منصوبو عوامي خدمتن جي بهتريءَ طرف هڪ اهم وِک آهي. سٽيزن سروسز پورٽل جديد سهولتن جي فراهميءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۽ آذربائيجان وچ ۾ ڊجيٽل گورننس کي هٿي ڏيڻ ۾ گڏيل تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. ڊجيٽل پاڪستان جي ويزن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ آذربائيجان سان حصيداري جاري رهندي.