اسلام آباد-13 مارچ (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته جعفر ايڪسپريس واقعي ۾ پاڪ فوج جون ڪارروايون ساراهه جوڳيون آهن ۽ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ هڪ سنگ ميل آهن، پي ٽي آءِ جا ماڻهو اقتدار لاءِ جنگ ڪري سگهن ٿا پر پاڪستان جي سلامتي ۽ بقا جي جنگ نٿا ڪري سگهن. بلوچستان ۾ بحران جي شروعات ايواب خان جي دؤر ۾ ٿي، بلوچ سردارن کي معاهدي تحت جبلن تان واپس آڻي ڦاهيون ڏنيون ويون. پاڪستان جي وجود تي اهو زخم ايوب خان لڳايو آهي. قومي اسيمبليءَ ۾ بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس تي دهشتگردن جي حملي ۽ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن جي حوالي سان صورتحال تي بحث جي شروعات ڪندي وفاقي وزير چيو ته قانون ۾ روايتن جي اهميت حاصل آهي ۽ـ تقدس سان ان جي پاسداري به ڪئي وڃي ٿي، اسان جي پاڪ فوج جعفر ايڪسپريس واقعي ۾ جهڙيءَ طرح ڪارروائي مڪمل ڪئي، اهو ساراهه جوڳو آهي ۽ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ هڪ سنگ ميل آهي، جنهن تي پوري قوم کي فخر آهي. وفاقي وزير چيو ته گذريل 3 ڏينهن ۾ ٿيل واقعا هٿين خالي مسافرن کي قوميت جي بنياد تي ڌار ڪرڻ مذمت جوڳو ۽ افسوس جوڳو عمل آهي پر ان کان وڌيڪ افسوس جوڳو رويو پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا جو رهيو آهي. پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ مان چيو ويو ته سيڪيورٽي فورسز نه پر دهشتگردن مسافرن کي ڇڏيو آهي. وفاقي وزير چيو ته ڪالهه مخالف ڌر جي اڳواڻ ايوان ۾ اسان کي فارم 47 جو مهڻو ڏنو، هي مهڻو ان شخص ڏنو آهي جنهن جي ڏاڏي ملڪ ۾ پهريون مارشل لا لڳايو ۽ اسان جو هڪ مارشل لا حڪومت سان رابطو رهيو جنهن تي مون ڪيترائي ڀيرا معذرت ڪئي آهي پر انهن ماڻهن پنهنجي ماضيءَ تي ڪا معافي نه ورتي. جمهوريت جو درس اهي ڏين جيڪي جمهوريت لاءِ قربانيون ڏيندا آهن جيستائين سياستدان 76 سالن جي غلطين جو اعتراف نه ڪندا اسان اڳتي نٿا وڌي سگهون. وفاقي وزير چيو ته مخالف ڌر مختلف ماڻهن کي مختلف ڪمن لاءِ مقرر ڪيو آهي، هڪ گاريون ڏئي ٿو ٻيو تقرير ڪري ٿو ۽ ٽيون معذرت ڪري ٿو. هن چيو ته سرفراز بگٽي ته دهشتگردن خلاف سينو ٽاڻي بيٺو آهي، ڇا ڪي پي ڪي جو وڏو وزير به بيٺل آهي، سوات جي ڪاسائي مسلم خان ۽ محمود خان کي ڪير واپس آڻڻ چاهيندو هو، اها پوري قوم کي خبر آهي، هي سمورا ماڻهو پنهنجي ماضيءَ طرف نظر ڦيرائين، اهي ماڻهو جنرل مشرف سان به ويٺل هئا. ڪالهه مخالف ڌر جي اڳواڻ اسان جي قيادت ۽ صدرِ مملڪت تي حملا ڪيا ويا. ڪالهه مخالف ڌر جي اڳواڻ پي اي سي جي چيئرمين ۽ پنهنجي چيئرمينن کي قانوني ۽ باقي سڀني کي غير قانوني قرار ڏنو آهي انهن جون پگهار، گاڏيون ۽ ڪميٽيون ته حلال ۽ جائز آهن پر باقين جون ناجائز. هن چيو ته بلوچستان تي انهن ماڻهن جيڪو راڳ آلاپيو آهي ان جو جواب ڏيڻ ضروري آهي، مان هڪ شهيد جي جنازي تي ويس جنهن جي شاديءَ کي 28 ڏينهن ٿيا هئا، سندن امڙ مون کي ٻُڌايو ته ان جي پُٽ کيس چيو هو ته امان منهنجي لاءِ شهادت جي دُعا ڪجانءِ، اهي ماڻهو انهن شهيدن خلاف به ڳالهائي رهيا آهن، اهي ماڻهو اقتدار لاءِ جنگ ڪري سگهن ٿا. اسلام آباد تي هر ايندڙ ڏينهن ڪاهه ڪري سگهن ٿا پر پاڪستان جي سلامتي ۽ـ بقا جي جنگ نٿا ڪري سگهن، اهي ماڻهو چون ٿا ته خان ناهي ته پاڪستان ناهي. انهن ماڻهن قرآن تي حلف کڻي ڪوڙ ڳالهايو آهي. هن چيو ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي ها ته مخالف ڌر جو اڳواڻ اعتراف ڪري ها ته معيشت درست رُخ تي آهي، اڄ هٿياربند فوج کي نشانو بنايو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ عمران خان، مشرف جي ريفرنڊم سان ساڻس گڏ بيٺل هو. انهن ماڻهن جنرل باجوا کي تاحيات ورديءَ ۾ رهڻ جي آڇ ڪئي هئي، انهن ماڻهن بي ايل اي ۽ دهشتگردن کي مسافرن کي ڇڏڻ جو ڪريڊٽ ڏنو آهي، اهي دهشتگردن جا ساٿي آهن ان لاءِ انهن کي ڪريڊٽ ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ڪالهه هنن هڪ شڪايت ڪئي ته سوا سال ۾ اليڪشن ڪميشن جا ميمبر نه لڳايا ويا پر پنهنجي ماضيءَ کي وساري ويٺا آهن، انهن کي ياد نٿو اچي ته جڏهن اهي حڪمران هئا ته ڪهڙيون وارداتون ڪندا هئا، اوجهڙي ڪيمپ ۽ حمود الرحمن ڪميشن جي رپورٽ جون ڳالهيون انهن کي اقتدار ۾ ڇو ياد نه آيون، سڀ کان وڌيڪ آءِ پي پيز جنرل مشرف جي دؤر ۾ لڳا، ان وقت مخالف ڌر جو اڳواڻ وزير هو. اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ جي آفيشل اڪائونٽ مان چيو ويو آهي ته 100 ماڻهو شهيد ٿي چڪا آهن ۽ شهرين کي دهشتگردن ڇڏيو آهي جنهن جي پنيري مارشل لا ۾ لڳي اهي ماڻهو مهڻا ڏين ٿا. بلوچستان ۾ بحران جي شروعات ايوب خان جي دؤر ۾ ٿي. بلوچ سردارن کي معاهدي تحت جبلن مان واپس آڻي کين ڦاسيون ڏنيون ويون، پاڪستان جي وجود تي اهي زخم ايوب خان لڳايا آهن هو 2 نمبر فيلڊ مارشل هو. اهي ماڻهو جعفر ايڪسپريس واقعي کي سياست جو موضوع بنائي رهيا آهن، هي پوري ملڪ لاءِ ڳڻتي جوڳو لمحوآهي، انهن ماڻهن کان علاوه پوري دنيا پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته صدر پاڪستان جو آئيني سربراهه آهي، ان کي ٻُڌڻ گهرجي ها. هن آئيني سربراهه جي تقرير جو سياسي جواب ڏيڻ گهرجي ها. هاڻ انهن ماڻهن کي رولز ياد اچن ٿا، پي ٽي آءِ پاڪستان جي سالميت ۽ـ بقا جي جنگ وڙهي، عمران خان جي بقا جي جنگ نه وڙهي.