اسلام آباد-13 مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عالمي طاقتون، دهشتگرد ۽ پاڪستان دشمن اسان جي نااتفاقي جو فائدو کڻي رهيا آهن، مذهب ۽ـ آزاديءَ جي نالي تي دهشتگردي ڪندڙ پنهنجي حقن لاءِ نه رتوڇاڻ لاءِ وڙهي رهيا آهن. قومي اسيمبليءَ ۾ جعفر ايڪسپريس سانحي جي حوالي سان بحث ۾ حصو وٺندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پ پ هر طرح جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿي، دهشتگرديءَ سبب پ پ تمام گهڻو نقصان برداشت ڪيو ۽ بينظير ڀٽو شهيد ٿي وئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جو مسئلو نئون ناهي، قوم گڏجي ملڪ کي دهشتگرديءَ مان پاڪ ڪري ڇڏيو هو، پاڪستان جي هر شهري ان جنگ ۾ پنهنجو حصو وِجهي دهشتگرديءَ کان پاڪ ڪيو، عام شهريءَ کان وٺي پوليس ۽ فوج اهڙو ڪوبه ناهي جنهن ان جنگ ۾ قربانيون نه ڏنيون هجن، هي ايوان جڏهن متحد هو ته پي ٽي آءِ جي ڌار سياست هئي، اي پي ايس جي واقعي تي اسان سياست کي هڪ طرف رکي نيشنل ايڪشن پلان کي مڃي ورتو، اسان ملڪ مان دهشتگرديءَ جي چليهه ڀڃي ڇڏي هئي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پر افسوس اسان دهشتگرديءَ خلاف پنهنجي ڪاميابي وڃائي ويٺا آهيون، دهشتگردي جي باهه هڪ ڀيرو ٻيهر ڀڙڪي اُٿي آهي، اسان ماضيءَ کان وڌيڪ خطرناڪ دؤر مان گذري رهيا آهيون، اسان دهشتگرديءَ خلاف ماضيءَ وانگر سياست اتفاق راءِ نٿا بڻائي سگهون، اسان جي ڪمزورين جو جيڪو به سبب هجي دهشتگرد، عالمي طاقتون ۽ پاڪستان دشمن اسان جي نااتفاقيءَ جو فائدو کڻي رهيا آهن. هن چيو ته دهشتگرد پاڪستان جي مظلوم عوام کي نشانو بنائڻ کان وٺي ڪي پي ڪي کان بلوچستان تائين دهشتگردي ڪندا پيا اچن ۽ دهشتگرديءَ جو هر واقعو گذريل واقعي کان وڌيڪ خطرناڪ هوندو آهي. هن چيو ته دهشتگردن جو ڪو به نظريو ناهي، نه ئي سياست ۽ـ نه ئي مذهب آهي، انهن سمورن تنظيمن جا نالا جيڪي به هجن انهن جو مقصد دهشتگردي پکيڙڻ ۽ ماڻهن کي قتل ڪرڻ هوندو آهي، نه ته مذهبي دهشتگرد اسلامي رياست چاهي ٿو نه ئي نام نهاد بلوچ دهشتگرد پنهنجي آزادي ۽ حق چاهين ٿا، اهي صرف رتوڇاڻ چاهين ٿا ۽ پاڪستاني عوام جي ترقيءَ جو رستو روڪڻ چاهين ٿا ۽ جيڪي عالمي طاقتون کين مالي ۽ـ لاجسٽڪل مدد فراهم ڪري رهيون آهن انهن جا مقصد حاصل ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته دهشتگردي ملڪ لاءِ ناسُور بڻجي چڪو آهي، ان جو مڪمل خاتمو ضروري آهي. هن سڀني سياسي ۽ عسڪري قيادت تي زور ڀريو ته گڏجي ڪم ته جيئن ملڪ ۾ پائيدار امن قائم ٿي سگهي. هن چيو ته ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ سڀني سياسي پارٽين ۽ عسڪري قيادت کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ته جيئن ان دهشتگرديءَ واري لعنت جو مڪمل خاتمو آڻي سگهجي. بلوچستان ۾ هاڻوڪي حملن کانپوءِ سيڪيورٽي جي صورتحال ڳڻتي جوڳي ٿي وئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ قومي اتفاق راءِ اڻٽر آهي. هن چيو ته جيستائين اسان اتفاق راءِ پيدا نه ڪنداسين تيستائين ان چئلينج تي ضابطو آڻڻ ناممڪن هوندو. هن وڌيڪ چيو ته هي باهه پوري ملڪ جي امن ۽ استحڪام لاءِ خطرو آهي ۽ ان تي هر حال ۾ ضابطو آڻڻو پوندو. دهشتگرد صرف تباهي ۽ ڏڦيڙ پکيڙڻ چاهين ٿا، ان ڪري انهن جو سختيءَ سان مقابلو ڪيو ويندو ۽ـ انهن جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو. هن سڀني پارٽين ۽ رياستي ادارن تي زور ڀريو ته اهي گڏجي دهشتگرديءَ خلاف هڪ مضبوط حڪمت عملي ترتيب ڏين ته جيئن ملڪ ۾ پائيدار امن قائم ڪري سگهجي. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري پنهنجي تقرير ۾ ملڪ جي اهم مسئلن کي اجاگر ڪيو. هن خاص طور تي پاڻي جي مسئلي تي ڳالهايو جيڪو ملڪ لاءِ هڪ وڏو سنگين چئلينج بڻجندو پيو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته صدر آصف علي زرداري پاڪستان جي معاشي ٽيم جي ڪم کي به ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته معيشت جي بهتريءَ لاءِ سڀني ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ملڪي ترقيءَ لاءِ استحڪام ضروري آهي ۽ سڀني سياسي قوتن کي گڏجي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته قبائلي علائقن کان وٺي پشاور تائين ڪو به هڪ ٺوس ترقياتي منصوبو شروع نه ڪيو ويو. هن چيو ته اهڙا منصوبا شروع ڪرڻ گهرجن جنهن سان عوام ۽ ملڪ کي حقيقي فائدو پهچي. هن ڳالهه تي زور ڀريو ته ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي فلاح بهبود لاءِ عملي قدم کڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته اسان کي عالمي سازشن جو ڄمي مقابلو ڪرڻو آهي ۽ انهن ڌُرين کي منتقي انجام تائين پهچائڻو آهي جيڪي ملڪ جي استحڪام خلاف ڪم ڪري رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري زور ڀريو ته ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي فلاح بهبود لاءِ عملي قدم کڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.