اسلام اباد-13 مارچ (اي پي پي) سيڙپڪاريءَ واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ کي يقيني بنائڻ ۽ داخلي ۽ اقتصادي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ قومي اتحاد وقت جي ضررورت آهي، بلوچستان اسان جو سڀ کان اهم صوبو آهي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ جعفر ايڪسپريس سانحي جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته جعفر ايڪسپريس واقعو مذمت جوڳو آهي، اسان کي معصوم جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهرو ڏُک پهتو آهي. هن چيو ته ان واقعي کان 11 سال اڳ پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي ٿيل سانحي جون يادون تازا ٿيون ويون، ان وقت قوم گڏ بيٺل هئي ۽ دهشتگرديءَ خلاف نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو ويو هو. هن چيو ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ آهي جنهن ۾ بي پناهه صلاحيتون آهن. پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪرڻ لاءِ قومي يڪجهتي جي ضرورت آهي، اسان سڀ پاڪستاني آهيون ۽ اسان جي ملڪ ۾ صلاحيتون ۽ سگهه موجود آهي. هن چيو ته بلوچستان جي عوام کي درخواست آهي ته هو پاڪستان جي مستقبل ۾ پنهنجي اهم ڪردار کي سمجهن. صوبي جي صلاحيتن کي ڪتب آڻڻ لاءِ قومي يڪجهتيءَ جو مظاهرو ڪن. هن چيو ته اسان کي بلوچستان جي معاشي موقعن کي نه صرف صوبي لاءِ پر پوري ملڪ لاءِ ڪتب آڻڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. هن سياسي اختلافن کي ختم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي چيو ته اسان سڀني کان ماضيءَ ۾ غلطيون ٿي چڪيون آهن پر ان سان اسان کي اجتماعي مفادن لاءِ گڏ ٿيڻ کان نه روڪڻ گهرجي. اسان جي داخلي تڪرارن ۽ پرڏيهي پاليسيءَ جي بي هم آهنگين اسان کي ڪمزور ڪيو آهي. وفاقي وزير سڀني سياسي پارٽين سان قومي مفاهمت ۽ اجتماعي ڪوششن ۾ حصو وٺڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته صرف اتحاد ئي پاڪستان کي هڪ ڀيرو ٻيهر اميد ۽ ترقيءَ جو نشانو بنائي سگهي ٿو. هن چيو ته وفاقي ڪابينه بلوچستان جي قومي واپار ۾ ڪردار وڌائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پاڪستان جي 60 سيڪڙوآمدني ۽ روانگي واپار گوادر ذريعي ٿيندي. ان فيصلي سان بلوچستان جي نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا ۽ مقامي معيشت کي هٿي ملندي.