مسقط-13 مارچ (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان عمان جي مواصلات، ٽرانسپورٽ ۽ اطلاعاتي ٽيڪنالاجي واري وزارت جو دؤرو ڪيو، جتي هن پنهنجي عماني هم منصب وزير سعيد بن حمود بن سعيد الموالي سان ملاقات ڪئي. ان ملاقات ۾ انڊر سيڪٽريز ال خميس ۽ ڊاڪٽر الشيڌاني به شريڪ هئا. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن مواصلات، ٽرانسپورٽ ۽ آءِ ٽي جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير ٻنهي ملڪن جي مهارتن مان فائدو کڻڻ ۽ انهن شعبن ۾ عملي قدمن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ان ملاقات جو اهم پاسو پاڪستان ۽ عمان وچ ۾ سامونڊي رستي سڌيءَ ريت ٽرانسپورٽ ۽ـ لاجسٽڪس ڪنيڪشن جي قيام تي خيالن جي ڏي وٺ هئي. وزير الموالي اعلان ڪيو ته عمان جلد ئي هڪ اعليٰ سطحي وفد پاڪستان موڪليندو ته جيئن گڏيل منصوبن جا مول متن طئي ڪري سگهن. وزير موالي پاڪستان ۽ـ عمان جي تاريخي، ثقافتي ۽ سماجي لاڳاپن تي روشني وجهندي ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ان پراڻن رابطن کي عملي ۽ گڏيل منصوبن ۾ تبديل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. ٻنهي ملڪن سامونڊي، فضائي رابطن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ـ آءِ ٽي جي شعبي ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن واپاري ۽ اقتصادي موقعن ۾ واڌ ٿئي. ٻنهي ملڪن کي جديد ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ فائدو پهچي.