اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ڀارتي حڪومت پاران پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ناليواري سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق جي قيادت ۾ عوامي ايڪشن ڪميٽي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير اتحاد المسلمين کي 5 سالن جي لاءِ غيرقانوني ڏيڻ جي فيصلي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته عوامي ايڪشن ڪميٽي جي قيادت مير واعظ عمر فاروق ڪري رهيو آهي جڏهن ته ڄمون ۽ ڪشمير اتحاد المسلمين جو بنياد هڪ ٻئي ذڪر جوڳي سياسي ۽ مذهبي اڳواڻ مولانا محمد عباس انصاري مرحوم رکيو هو جنهن 2022ع ۾ پنهنجي لاڏاڻي تائين ان جي سربراهي ڪئي. هن چيو ته ڀارتي عملدارن جي تازي فيصلي سان ڪالعدم ڪشميري سياسي پارٽين ۽ تنظيمن جو مجموعي انگ 16 ٿي ويو آهي. ترجمان چيو ته مختلف سياسي پارٽين ۽ تنظيمن تي پابندي هڻڻ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي عملدارن جي انتهائي سخت رويي جو هڪ ٻيو مظهر آهي. هن چيو ته اهو قدم سياسي سرگرمين ۽ اختلاف راءِ کي دٻائڻ جي خواهش کي پڻ ظاهر ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اهو جمهوري اصولن ۽ عالمي انساني حقن جي قانون جي سراسر بي ڌياني کي پڻ ظاهر ڪري ٿو. هن ڀارتي حڪومت کي اپيل ڪئي ته اها ڪشميري سياسي پارٽين تي لڳل پابنديون هٽائي، سمورن سياسي قيدين کي آزاد ڪري ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري.