گڏيل قومون – 13 مارچ (اي پي پي) گڏيل قومن خبردار ڪيو آهي ته انساني همدردي جو نظام خاتمي ويجهو اچي ويو آهي ۽ فنڊنگ جي کوٽ زندگي يا موت جي چونڊ ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿي. گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت انڊر سيڪريٽري جنرل ٽام فليچر هڪ پريس بريفنگ دوران ٻڌايو ته عالمي انساني همدردي جو نظام بريڪنگ پوائنٽ تي پهچي ويو آهي، فنڊنگ ۾ ڪٽوتي زندگي يا موت جي فيصلي تي مجبور ڪري رهي آهي ته ڪهڙن امدادي پروگرامن کي برقرار رکيو وڃي ۽ ڪهڙن کي بند ڪيو وڃي. هن چيو ته گذريل سال انساني همدردي لاءِ ڪم ڪندڙ ماڻهن لاءِ موتمار سال هو ڇو جو سمورا ميمبر وسيلن سبب تمام گهڻي دٻاءُ جو شڪار هئا. هن نوٽ ڪيو ته 300 ملين کان وڌيڪ ماڻهو جن کي امدادي خدمتون ڏنيون وينديون آهن، فنڊنگ جي کوٽ کين متاثر ڪري سگهي ٿي. هن ٻڌايو ته فنڊنگ ۾ ڪٽوتين تنبيهه آهي ته جيڪڏهن امدادي پروگرام بند ٿي ويا ته ڪيترائي ماڻهو موت جو شڪار ٿي ويندا. هن چيو ته عدم استحڪام، وڌندڙ تڪرار، آبهوا جا لوڏا ۽ معاشي بدحالي کي نظر ۾ رکندي انساني بحران پيدا ٿي رهيا آهن جنهن اڃا وڌيڪ لکين ماڻهن کي امداد جي ضرورت ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۽ گڏيل قومن ۽ ان جي شراڪتدارن کي سخت فيصلن تي مجبور ڪيو آهي. هن انڪشاف ڪيو ته رڳو فيبروري ۾ ئي انساني همدردي جي غير سرڪاري تنظيم (اين جي او) جي 10 سيڪڙو ورڪرز کي فنڊنگ جي فرق سبب فارغ ڪيو ويو، جڏهن ته گڏيل قومن جي ايجنسين کي ڪيترن ئي ملڪن ۾ زندگي بچائڻ جي ڪمن کي گهٽائڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي.