ڪيف _ 13 مارچ (اي پي پي)يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنڪسي سعودي عرب ۾ آمريڪا ۽ يوڪرين جي اختيارين وچ ۾ ٿيل ملاقات جي آجيان ڪندي چيو آهي ته آمريڪا طرفان ڏنل 30 ڏينهن واري جنگبندي لاءِ تيار آهيون. پرڏيهي ميڊيا مطابق سعودي عرب ۾ آمريڪا ۽ يوڪرين جي اختيارين 30 ڏينهن واري جنگبندي تي اتفاق بعد گذريل ڏينهن آمريڪا طرفان چيو ويو هو ته هو يوڪرين جي فوجي مدد بحال ڪري رهيو آهي ۽ اينٽيليجنس شيئرنگ به ٻيهر شروع ڪري رهيو آهي. يوڪرين جي صدر هڪ بريفنگ دوران ٻڌايو ته مان جنگبندي جي حوالي سان گهڻو سنجيده آهيان ۽ منهنجي ويجهو اها جنگ جي خاتمي لاءِ تمام اهم آهي. هن ان موقعي تي آمريڪا طرفان فوجي مدد بحال ڪرڻ جي قدم کي به مثبت قرار ڏنو.