جده _ 13 مارچ (اي پي پي ) سعودي ڪرنسي جو پهريون خطاط عبدالرزاق خوجه 95 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. پرڏيهي ميڊيا مطابق عبدالرزاق خوجه کي ننڍي عمر کان خطاطي جو شوق هو. هن سعودي مانيٽري ايجنسي ۾ ڪرنسي جي خطاطي جي شروعات 1375 هجري کان ڪئي. ان کان پوءِ 1381 هجري ۾ عربي اخبار الندوه ۾ هيڊ لائن ٺاهڻ جي خطاطي شروع ڪئي. ان کان علاوه هڪ ريال کان وٺي 500 ريال جي نوٽن تي به سندس خطاطي ڪيل آهي. عبدالرزاق خوجه صحافتي ميدان ۾ به نمايان خدمت انجام ڏني. سعودي عرب جي مشهور اخبار سان سندس تعلق رهيو. کيس 2019ع ۾ مڪه مڪرم جي گورنر شهزاده خالد طرفان بهترين خطاطي جو ايوارڊ به ڏنو ويو هو.