واشنگٽن – 13 مارچ (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ٽيسلا ڪمپني جي ڳاڙهي چمڪدار گاڏي خريد ڪري ورتي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايلون مسڪ جي ڪمپني ٽيسلا جي هڪ چمڪدار ڳاڙهي سيڊان خريد ڪئي آهي جيڪا سندس اليڪٽرڪ وهيڪل ڪمپني لاءِ حمايت کي ظاهر ڪري ٿي. ڊونلڊ ٽرمپ ڊرائيونگ سيٽ سنڀاليندي چيو ته اها هڪ سٺي پراڊڪٽ آهي. آمريڪي صدر ٻڌايو ته هن اها گاڏي ڪنهن به رعايت کانسواءِ منمل قيمت تي خريد ڪئي آهي جنهن جي ماليت اٽڪل 80 هزار ڊالر آهي.