اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسرائيل پاران فلسطين ۾ انساني امداد جي بندش ۽ غزه کي بجلي جي سپلاءِ روڪڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان اولهندي ڪناري ۽ غزه جي ماڻهن جي خلاف مسلسل اسرائيلي حملن جي پڻ مذمت ڪريون ٿا جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت معصوم جانين جو المناڪ نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن فلسطيني عوام کي انساني بنيادن تي امداد جي فوري ضرورت آهي، اسرائيل پاران گڏيل قومن جي امدادي ايجنسين بشمول فلسطيني پناهگيرن جي لاءِ قائم گڏيل قومن جي ريليف اينڊ ورڪس ايجنسي (يو اين آر ڊبليو اي) جي ڪاررواين کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ناقابل قبول آهن. ترجمان چيو ته يو اين آر ڊبليو اي سميت امدادي ايجنسين کي انهن جي اهم ڪمن کي سرانجام ڏيڻ کان روڪڻ اسرائيل جي انساني امداد کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪرڻ ۽ فلسطين جي ماڻهن کي غيرانساني بڻائڻ جي منظم مهم جو حصو آهي. هن اولهندي ڪناري ۽ غزه ۾ دشمني جي فوري خاتمي جو مطالبو ڪندي چيو ته شهرين جي تحفظ ۽ فوري ضرورتمندن تائين غيرمحدود انساني پهچ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. ترجمان چيو ته عالمي برادري کي غزه ۾ فلسطينين جي خلاف اسرائيل جي نسل ڪشيءَ جي مهم کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم وڌائڻ گهرجي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها اسرائيل کي ان جي جنگي ڏوهن ۽ انسانيت جي خلاف ڏوهن جو جوابدهه قرار ڏي.