اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ واپاري ڪاٿو 2 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ازبڪستان جي سفير علي شير تختائف وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ازبڪ سفير جي ذريعي ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ گذريل مهيني تاشقند جي دوري دوران سندس ۽ پاڪستاني وفد جي مهمان نوازي جي لاءِ دل سان ٿورا مڃيا. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن تي ٿيندڙ شاندار اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو جنهن ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي جوڙجڪ سان گڏوگڏ مختلف شعبن ۾ ڪيترن ئي اهم معاهدن ۽ مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون پڻ شامل آهن. وزيراعظم چيو ته تاشقند کان واپسي تي هن لاڳاپيل شعبن جي وزيرن کي ذميواري ڏني آهي ته اهي دوري دوران ٿيل فيصلن تي فوري عملدرآمد کي يقيني بڻائين. هن خاص طور تي کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات، ريلوي (بشمول ٽرانس افغان ريلوي پراجيڪٽ)، خصوصي اقتصادي زونز، بئنڪنگ، سياحت، ثقافت ۽ قابل تجديد توانائي ۾ ازبڪستان سان تعاون وڌائڻ ۾ پاڪستان جي دلچسپي تي روشني وڌي. وزيراعظم ٻطرفي واپار کي 2 بلين ڊالر تائين وڌائڻ تي ڪم ڪرڻ جي لاءِ هڪ روڊ ميپ جوڙڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو جنهن تي دوري دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اتفاق ڪيو ويو هو. ازبڪ سفير وزيراعظم جي نيڪ خواهشن تي ٿورا مڃيا ۽ چيو ته صدر شوڪت مرزيوف پاڪستان سان ازبڪستان جي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهترين سياسي لاڳاپن کي گڏيل طور تي ڪارائتي اقتصادي لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن اهو به ٻڌايو ته صدر مرزيوف هلندڙ سال جي آخر ۾ پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي وزيراعظم جي دعوت قبول ڪري ورتي آهي جنهن جي لاءِ تاريخن جي تعين تي ڌرين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جاري آهي.